ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي پوليس بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور جي گهران ڪروڙين رپين جي چوري ڪندڙ جوابدارن تائين پهچي وئي. اداڪارا سونم ڪپور جي دهلي واري رهائشگاهه تان 2 ڪروڙ 40 لک رپيا روڪ ۽ سونا زيور چوري ٿيا هئا. پوليس موجب چوري 11 فيبروري تي ٿي ۽ 23 فيبروري تي تغلق روڊ پوليس اسٽيشن ۾ ان جو اطلاع ملڻ تي پوليس ڪيس داخل ڪيو هو
پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڪيس ۾ شڪايت ڪندڙ سونم ڪپور ۽ انهن جي مڙس آنند آهوجا جي گهر جي مئنيجر هئي، جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو ڪم ڪندا آهن
هڪ سينيئر پوليس آفيسر چيو ته دهلي پوليس جي ڪرائم برانچ نئين دهلي ضلعي جي اسپيشل اسٽاف برانچ جي هڪ ٽيم سان اڱاري جي رات ڇاپو هنيو ۽ نرس کي ان جي مڙس سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، اها سونم ڪپور جي گهر جي نرس آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چوري ٿيل زيور ۽ روڪ برآمد ناهي ٿي، جنهن حوالي سان جاچ جاري آهي
ھي به پڙھندا