ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو عدالتي حڪم تي زرعي زمين جي ماپ لاءِ پهتل روينيو عملي کي مبينا ڪٽڪو، اين سي داخل، خبر موجب ميهارڪي لڳ عدالتي حڪم تي زمين جي ماپ تي پهتل روينيو عملي کي ڳوٺاڻن مبينا ڪٽڪو ڏنو، جنهن دوران تپيدار ۽ ڪوٽ وار جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، واقعي بعد روينيو عملي ٿاڻي تي پهچي ويو، جتي تپيدار علي مراد ڪيريو نظاماڻي برادري جي ماڻهن تي حملي جو الزام هنيو، الزام ھيٺ آيل ڌر جي لطف علي نظاماڻي ۽ ٻين روينيو عملي جي الزام کي رد ڪندي چيو ته ڪنهن به ڳوٺاڻي مٿن حملو ناھي ڪيو، روينيو عملو بنا ڪنهن ليٽر جي ماپ ڪرڻ لاءِ آيو ھو، جنهن تي ڳوٺاڻن کين ماپ ڪرڻ کان روڪيو، جنهن بعد حملي جو ڪوڙو ڊرامو رچائي ڳوٺاڻن کي ھراسان ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف ڪوٽ وارا اسلم شر جي فرياد تي ورڪشاپ  ٿاڻي تي ٽن ڳوٺاڻن مٿان  اين سي داخل ڪئي وئي آهي،