ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون ٻيهر 1100 رپيا مهانگو : ڊالر 234.6 رپيا ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1100 رپيا واڌ سان 150100 مان 151200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1590 مان 1580 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا واڌ سان 234.5 مان 234.6 ۽ انٽر بينڪ ۾ 2 رپيا واڌ سان 223.42 مان 225.42 رپيا ٿي ويو، ذريعن موجب پشاور ۾ ڊالر 240 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو هو، هوڏانهن پائونڊ ۽ يورو 10 پئسن جي واڌ سان ترتيبوار 268مان 268.1 ۽ 230.5 مان 230.6 رپين تي پهتا هئا