شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شھدادڪوٽ ۾ عام واھپي جون شيون اٽو، گيهه، چانور، تيل، دالين ۽ فروٽ سميت سبزين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا. اٽو ھڪ سو، کنڊ 110، چانھن جي پتي 800 في ڪلو وڪرو ٿي رھي آھي. جڏھن ته مڇي 400، فارمي ڪڪڙ 500 في ڪلو ملڻ لڳي،انڊا 220 في درزن ملن ٿا، گوار 200، ڀينڊي 200، ميھا 200، ٽماٽا 400، بصر 200، گوبي 150، بيهه 300، ساوا مرچ 200 م،ٿوم سڪل 200 في ڪلو وڪرو ٿي رھي آھي، ڪيلا 100 کان 120 رپيا درزن، صوف 200 کان 300 في ڪلو ملن ٿا، گيهه 500، کاڄرو تيل 400، کير 150، مڱ دال 230، دال چڻا 230 کان 350 رپيا في ڪلو وڪامجڻ لڳي.شھرين زيب سنڌي، وقاص مستوئي، ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي جو چوڻ هو ته مھانگائي سبب غريب ۽ پورھيت طبقي جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آهي.