شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو: سپريم ڪورٽ جي راءِ

0
64

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو، ڀٽو جي ٽرائل ۾ بنيادي حقن تي عمل نه ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي جي سزا خلاف صدارتي ريفرنس تي پنهنجي راءِ ٻڌائي ڇڏي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بينچ جي اها متفقه راءِ آهي ته ذوالفقار ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو، جيستائين غلطيون تسليم نه ڪنداسين پاڻ کي درست نه ٿا ڪري سگهون

2011 ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ريفرنس داخل ڪرائيندي ذوالفقار ڀٽو جي خون سان انصاف ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي

 ريفرنس ۾ ذوالفقار ڀٽو جي ٽرائل ۽ ڦاهي تي نظرثاني بابت عدالت کان راءِ طلب ڪئي وئي هئي، صدارتي ريفرنس ۾ 5 سوال اٿاريا ويا هئا

جن مان هڪ اهو هو ته ڇا ڀٽو کي ڦاهي جو فيصلو آئين ۾ درج انساني حقن جي مطابق هو؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ سومر ڏينهن دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي: بلاول ڀٽو