اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جي فرمائش تي نوَن ڀرتي ٿيل سرڪاري ملازمن کي رٽائرمينٽ بعد سرڪاري خزاني مان پينشن نه ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي مطالبي تي سرڪاري خزاني تان پينشن جو بار لاهڻ لاءِ نئين پينشن اسڪيم تيار ڪئي وئي آهي، ايس اي سي پي پاران تيار ڪيل رضاڪاراڻي اسڪيم موجب نوَن ڀرتي ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي پگهار مان هر مهيني مخصوص رقم ڪٽي ويندي، لاڳاپيل سرڪاري ادارو به اوتري رقم ڏيندو ۽ اها نجي ادارن ۾ سيڙائِي ويندي، رٽائرمينٽ بعد سرڪاري ملازمن کي اُنهي فنڊز مان پينشن ادا ڪئي ويندي، اهڙي ريت رٽائرمينٽ بعد ملازم جو سرڪار سان ڪوبه واسطو نه هوندو، ڀارت ۾ اها پينشن اسڪيم 2004ع کان لاڳو ٿيل آهي، ڀارت جي طرز تي پينشن اسڪيم آندي پئي وڃي، ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان نئين رضاڪاراڻي پينشن اسڪيم آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، نيون ڀرتيون رضاڪاراڻي پينشن اسڪيم تحت ڪرڻ جو امڪان آهي، پهريان ڀرتي ٿيل سرڪاري ملازمن کي پينشن بجيٽ مان ئي ڏني ويندي، سرڪاري ملازمن کي رضامندي سان نئين اسڪيم ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو.