سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي: بلاول ڀٽو

0
50
سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي: بلاول ڀٽو
سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: بلاول ڀٽو زرداري ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي، 44 سالن کانپوءِ تاريخ درست ٿيڻ وڃي رهي آهي، عدالت چئي ڇڏيو ته ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه مليو

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ملڪ جي ترقيءَ جو سبب بڻجندو، اسان کي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي، تفصيلي فيصلو اچڻ بعد ان تي ڀرپور ڳالهه ٻولهه ڪري سگهندس

هن چيو ته سپريم ڪورٽ ڪيس تي متفقه راءِ ڏني آهي، متفقه راءِ ڏيڻ تي ججن ۽ وڪيلن جو ٿورائتو آهيان، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ جمهوري ۽ عدالتي نظام مضبوط ٿيندو

هي به پڙهندا

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو: سپريم ڪورٽ جي راءِ