منع ڪيل هٿيارن جا لائسنس رکندڙن جي ڪيٽيگري ۾ منهنجي اجازت کانسواءِ منهنجو نالو به شامل ڪيو ويو: چيف جسٽس

0
60
سرڪاري ادارا رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، هڪ هڪ جڳهه تي ٽيڻ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن: چيف جسٽس
سرڪاري ادارا رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، هڪ هڪ جڳهه تي ٽيڻ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس چيو آهي ته منع ڪيل هٿيارن جا لائسنس رکندڙن جي ڪيٽيگري ۾ منهنجي اجازت کانسواءِ منهنجو نالو به شامل ڪيو ويو، منهنجي لاءِ قانون ۾ خصوصي رعايت ملڻ شرم جوڳي ڳالهه آهي

 چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪلاشن ڪوف ڪو رانديڪو يا ڦڻي نه آهي، اسڪولن جي ٻاهران گارڊز هٿيار کڻي بيٺل نظر اچن ٿا

هن چيو ته اها خبر ڪيئن پوندي ته هٿيار رکندڙ شخص دهشتگرد نه آهي، جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڇا پارليامينٽ جي ميمبرز کي به ميز تي هٿيار رکي ويهڻ جي اجازت آهي؟

 جسٽس محمد علي مظهر چيو ته شاديءَ جي تقريبن ۾ به هٿيارن جي نمائش ڪئي وڃي ٿي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اميد آهي ته نئين حڪومت هن معاملي تي قدم کڻندي، آءِ جي به پوليس جي قافلي سان سفر ڪري ٿو، قانون سان مذاق ڪيستائين ٿيندو رهندو؟ جڏهن بم ڦاٽي رهيا هجن ته ڀتيون اوچيون ڪيون وينديون آهن