سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ تعليمي سيمينار ڪوٺايو ويو، تعليمي سيمينار ۾ تعليمي ماهرن پاران نوجوانن کي ڪمپيوٽر جي اڀرندڙ ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ويچار ونڊيا ويا. سڪرنڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪمپيوٽر سينٽر تي بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسرچ بورڊ جي طرفان چاليهه شاگردن پاران ڪيريئر ڪائونسلنگ جي سکيا حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سيمينار ٿي گذريو. سينيمار کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بي بي ايس ايڇ آر آر ڊي بي نياز حسين اڄڻ چيو ته ڪيريئر ڪائونسل ذريعي نوجوان ڪمپيوٽر جي مهارت حاصل ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجو مستقبل بهتر ڪري سگهن ٿا. ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج شهيد بينظير آباد مئنيجر نثار ملاح  چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن کان اسان وٽ جاب آفر ملنديون آهن ڪمپيوٽر جي مهارت حاصل ڪندڙ نوجوانن کي دنيا جي مختلف ۾ نوڪري لاءِ موڪلي سگهجي ٿو جيئن هو پنهنجو بهتر مستقبل ٺاهي سگهن. پرنسپال سائيٽ ڪمپيوٽر سينٽر رياض احمد خاصخيلي چيو ته اسان هن سينٽر مان ڪافي نوجوان ڪمپيوٽر جي تعليم حاصل ڪري مختلف جڳهين تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري رهيا آهن.