قمبر ۾ سسئي لوهار چيف جسٽس آڏو اچي وئي

0
64
قمبر ۾ سسئي لوهار چيف جسٽس آڏو اچي وئي
قمبر ۾ سسئي لوهار چيف جسٽس آڏو اچي وئي

قمبر ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي ميمبرز کي حلف کڻائڻ دوران سسئي لوهار کي اسٽيج تي سڏائي ورتو

 چيف جسٽس جي پڇا ڪرڻ تي سسئي لوهار چيو ته منهنجي والد هدايت لوهار جي قتل کي 20 ڏينهن گذري چڪا آهن، قاتلن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، پوليس سي سي ٽي وي فٽيج به ضايع ڪري ڇڏيا آهن

 چيف جسٽس عقيل عباسي چيو ته جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاربو، چيف جسٽس چيو ته هن قتل ڪيس جي مان پاڻ نگراني ڪندس، سسئي لوهار انصاف جي خاطري ڪرائڻ تي چيف جسٽس جا ٿورا مڃيا