صدارتي چونڊ لاءِ آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي فارم منظور

0
41
صدارتي چونڊ لاءِ آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي فارم منظور
صدارتي چونڊ لاءِ آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي فارم منظور

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي صدارتي اميدوار آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا

 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ناصر شاهه پاران آصف زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا هئا

 آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف زرداري جا نامزدگي منظور ڪيا ويا آهن، نامزدگي ڪاغذن تي ڪو به اعتراض نه واريو ويو

 محمود خان اچڪزئي به اليڪشن ڪميشن جي اسلام آباد واري آفيس پهتو، سندس نامزدگي ڪاغذ به منظور ڪيا ويا

 2 ڏينهن اڳ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ  اڳواڻن اسد قيصر، لطيف کوسا، بئرسٽر گوهر ۽ ٻين محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي ڪاغذ اسلام آباد ۾ جمع ڪرايا هئا