پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل ۾ ملاقات جو مڪينزم طئي ڪرڻ جو حڪم

0
49
آڊيو ليڪس ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ واري درخواست به خارج
آڊيو ليڪس ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ واري درخواست به خارج

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل ۾ ملاقات جو مڪينزم طئي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي جي آرڊر خلاف درخوست تي جسٽس ارباب محمد طاهر ٻڌڻي هلائي, اڊياله جيل جو سپرنٽينڊنٽ اسد وڙائچ عدالت آڏو پيش ٿيو

جيل سپرنٽيڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ته ملاقاتن لاءِ سوين درخواستون اچي رهيون آهن، آرڊر اهو ٿيو هو ته وڪيلن کان علاوه 6 ماڻهن کي ملڻ جي اجازت هوندي، مون وٽ 7 هزار قيدي آهن، عدالت روزاني 6 ماڻهن کي ملڻ جي اجازت ڏني، جيڪا اسان لاءِ ممڪن ناهي

جسٽس ارباب طاهر جيل سپرنٽيڊنٽ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان روزاني ڪنهن نه ڪنهن اعتراض سان اچو ٿا، ڇا اوهان عدالتي آرڊرز جي ڀڃڪڙي چاهيو ٿا؟ ڪير آهن اهي ماڻهو جن کي اوهان نه ٿا سڃاڻيو؟

شير افضل مروت، قومي اسيمبلي جا ميمبرز، سينيٽرز، اوهان انهن کي چيڪ ڪيو، عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندا ته پوءِ ڇو نه توهين عدالت جي ڪارروائي ٿئي؟

جيل سپرنٽيڊنٽ چيو ته مان عدالتي حڪم تي به عملدرآمد ڪريان ٿو، هي گهرو کاتي پنجاب جو نوٽيفڪيشن به آهي

عدالت چيو ته اوهان جي شرطن تي طئي ٿيو هو ته هي ڪڏهن ڪڏهن ملندا، پهريان ئي اوهان جي خلاف توهين عدالت جون درخواستون آهن

عدالت پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو مڪينزم طئي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڌريون ويهي هڪ مڪينزم جوڙين ۽ اڄ ئي عدالت کي آگاهه ڪن