دادو /قصبو (نمائندا ) ڪاڇي ۾ بيمارين تي ضابطو نه اچي سگھيو آهي، وڌيڪ 2 نينگر گيسٽرو ۾ فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ قصبو ڀرسان ڳوٺ سم شريف ۾ 3 مهينن جو معصوم محبوب ولد الله ورايو چانڊيو گيسٽرو ۾ دم ڏئي ڇڏيو. قصبو نينگر جي فوت ٿيڻ بعد گھر ۾ ڪهرام مچي ويو ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته ڳوٺ ۾ مليريا ۽ گيسٽرو تباهي مچائي ڇڏي آھي صحت کاتي ڪي به اپاء ناھي ورتا. هوڏانهن دادو اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ گيسٽرو سبب نينگر 14 مهينن جو بادل پٽ منظور احمد برهماڻي فوت ٿي ويو آهي ، نينگر کي 2 ڏينهن اڳ دادو اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ داخل ڪيو هو ، نينگر جي طبعيت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو ، وارث نينگر جو مڙھ ڳوٺ احمد خان برهماڻي کڻائي ويا آهن