غوثپور (ن پ ا ) غوثپور جي ڪچي ۾ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان مارجي ويل اميد علي، محمد علي، سعيد علي ۽ محمد بخش اوڳاهي جا مڙهه وارث غوثپور اسپتال کڻائي آيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب درياءَ پار چار ماڻهو قتل ٿيا، ٻيڙي جي سهولت نه هئڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو هو، ٻيڙين ذريعي لاش اسپتال آندا ويا ، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا. پوليس موجب وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. واضع رهي ته ڳوٺ قبول اوڳاهي ۾ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار ٽن سڳن ڀائرن سوڌو چار قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا هئا.