خانپور (ن پ ا) خانپور جي ڳوٺ نيون لاليون ۾ فائرنگ ڪري معذور عورت ياسمين ڌيءَ غلام رسول ڀٽيءَ کي قتل ڪيو ويو، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو لاش پوليس موبائل ۾ کڻائي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو. فھميده ڀٽي صحافين آڏو الزام لڳايو ته غوثپور واسي ثناءُالله منگي ۽ الھورايو منگي ساٿين سان گڏجي منھنجي معذور ڀيڻ کي قتل ڪري ويا آھن. ھن جو چوڻ ھو ته جوابدار ثناءُالله منگي 3 سال اڳ منھنجي ڀيڻ رفيعه کي زبردستي کڻي نڪاح ڪيو ھو، غريب آھيون، ڪو به ڌڻي ناهي، جوابدار ظلم ڪري ويا آھن. ھنن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.