ڪراچي( پنهنجي اخبار نيوز) ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين کان هڪ وڌيڪ ميونسپل ٽيڪس وصول ڪندي، ان ڏس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت اسان کي بجلي بلن ۾ ڪي ايم سي جا ميونسپل يوٽلٽي چارجز وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ 50 رپيا ادا ڪندو، جڏهن ته 700 يونٽن واري کان 150 ۽ 070 کان مٿي وارن کان 200 رپيا ماهوار ورتا ويندا، ڪمرشل توڙي صنعتي ڪنيشن تي به 200 رپيا ورتا ويندا، ترجمان موجب ڪي ايم سي کي ماهوار 25 ڪروڙ ۽ ساليانو 3 ارب ٽيڪس ملندو