سمرقند(م ڊ) شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي روس ۽ چين جي صدرن وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ملاقات اجلاس جي موقعي تي سائيڊلائنز تي ٿي. چيني صدر روسي هم منصب کي پنهنجو پراڻو دوست قرار ڏنو. روسي صدر هڪ طاقتور واري دنيا جوڙڻ جي حامين تي سخت تنقيد ڪئي ۽ يوڪرين بابت چين جي موقف کي بيلينسڊ قرار ڏيندي ان جي ساراهه ڪئي۽ چيو ته چين جا روس جي يوڪرين تي حملي بابت سوال ۽ ڳڻتي کان واقف آهيون. چيني صدر چيو ته چين عالمي طاقتن کي ذميوار بڻائڻ لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ دنيا ۾ استحڪام آڻيندو.