اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خورشيد جوڻيجو جي ڌانڌلي واري وڊيو تي نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي
مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ خورشيد جوڻيجو جي وڊيو وائرل ٿي هئي
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ايم اين اي خورشيد جوڻيجو ڌانڌلي ۾ ملوث آهي، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر لاڙڪاڻو ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر رپورٽ پيش ڪن