جاگيردارن کي شڪست ڏيندڙ ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو جي ڪهاڻي

0
434
جاگيردارن کي شڪست ڏيندڙ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هُن هڪ غريب هاري جي گهر ۾ اک کولي ۽ هارين جي حقن لاءِ ڪيئي ڀيرا جيل به ڀوڳيندو رهيو، هُن ڪڏهن سوچيو ئي نه هوندو ته هو به مڪاني چونڊن ۾ هڪ جاگيردار کي شڪست ڏيندو، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو 69 سالن جي جدوجهد بعد نيٺ هڪ جاگيردار کي شڪست ڏئي ثابت ڪيو ته مضبوط ارادا ڪنهن کي به مات ڏئي سگهن ٿا

ڪامريڊ مصطفيٰ چانڊيو قمبر شهدادڪوٽ جي قبائلي علائقي مان اليڪشن وڙهيو، جتي جاگيردارن ۽ سردارن آڏو ڪنهن کي ويهڻ جي همت ناهي ٿيندي يا اجازت ناهي هوندي

قتل، اغوا ۽ ڪوڙن ڪيسن جي سنگين ڌمڪين باوجود ڪامريڊ پوئتي پير نه ڪيا، سندس جهونا پيرا ڪاميابي طرف وڌندا رهيا ۽ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ کٽي هڪ جاگيردار طرفان نامزد ڪيل اميدوار کي شڪست ڏني

ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو ٻڌائي ٿو ته مان ٻن عهدن لاءِ اليڪشن ۾ بيٺو هئس، هڪ يوسي چيئرمين لاءِ اسان جي قبائلي سردار جي سئوٽ خلاف فارم ڀريو، ٻيو جنرل ڪائونسلر لاءِ فارم ڀريو، بااثرن هڪ سيٽ تي سرڪاري مشينري استعمال ڪري شڪست ڏني، پر هڪ يوسي غيبي ديرو جي جنرل ڪائونسلر جي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻي، جنهن تي فخر آهي

ڪامريڊ ٻڌايو ته مون ماڻهن کي چيو آهي ته مون وٽ نه اچو، پر مان هر ڪنهن جي دروازي تي وڃڻ کي ترجيح ڏيان ٿو، جنهن منهنجي حمايت ڪئي، تن جا ٿورا مڃان ٿو

ڪامريڊ اڃا چئن سالن جو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو، شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ، هن پنهنجي ابن ڏاڏن جي واٽ تي عمل ڪيو ۽ هڪ هاري بڻجي ويو، ۽ نوڪريءَ سان گڏ ڍورن جي پالنا به ڪندو رهيو

هن چيو ته مان هارين جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس، جيڪي رسول بخش پليجو، فضل راهو ۽ قاضي عبدالغفار، اهي سڀئي ليجنڊ هئا، جن جاگيرداري جي خلاف ۽ هارين جي حقن لاءِ آواز اٿاريو

ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو پليجو جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي تحريڪ جو ميمبر ٿيڻ کانپوءِ هڪ نامور ڪارڪن بڻجي ويو ۽ هارين جي حقن لاءِ سکر کان ڪراچي ۽ ڪشمور کان ڪراچي تائين ڪيترن ئي لانگ مارچز ۾ شرڪت ڪئي

ڪامريڊ ٻڌائي ٿو ته جڏهن مون سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ڪتاب ۽ اخبارون پڙهيون ۽ پنهنجي سياسي قيادت سان وقت گذاريو، تڏهن اوچتو قبائلي سردار جو خوف ختم ٿي ويو ۽ مان اٿي بيٺس ۽ مقامي بااثرن جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ لڳس ۽ جاگيردارن خلفا اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو

غلام مصطفيٰ ٻڌائي ٿو ته اسان جو سردار ۽ سندس ڀاءُ اسان جي علائقي جا چونڊيل ايم پي اي آهن ۽ انهن جي رويي جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهي غريبن سان هٿ به نه ملائيندا آهن