ڪرمپور: سنڌ ۾ خوني تڪرار ڌڙا ڌڙ انساني جانيون ضايع ڪرڻ لڳا، ڪرمپور ۾ اڄ وڌيڪ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن
ڪرمپور جي ڪچي جي علائقي ۾ جعفري ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دورن ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا
جهيڙي جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي
پوليس موجب ڳوٺ سنهڙو ڪرسي ۾ چوپائي مال جي ڳالهه تان جهيڙي دوران ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي، مارجي ويلن ۾ پيرسن حبيب جعفري، سندس پٽ منصور ۽ ڪرم علي جتوئي شامل آهن
ھي به پڙھندا