ڪرمپور ۾ جعفري-جتوئي تڪرار تان پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل

0
353
ڪرمپور ۾ جعفري-جتوئي

ڪرمپور: سنڌ ۾ خوني تڪرار ڌڙا ڌڙ انساني جانيون ضايع ڪرڻ لڳا، ڪرمپور ۾ اڄ وڌيڪ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن

ڪرمپور جي ڪچي جي علائقي ۾ جعفري  ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دورن ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا

جهيڙي جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي

پوليس موجب ڳوٺ سنهڙو ڪرسي ۾ چوپائي مال جي ڳالهه تان جهيڙي دوران ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي، مارجي ويلن ۾ پيرسن حبيب جعفري، سندس پٽ منصور ۽ ڪرم علي جتوئي شامل آهن

ھي به پڙھندا

رپڙي ڀرسان پاڻي جي واري تان 2 ڳوٺاڻا مارجي ويا