سنڌ اسيمبلي ۾ دعا ڀٽو ۽ پ پ ميمبرز ۾ ڇڪتاڻ، گارگند تي لهي آيا

0
427

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو ۽ صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا وچ ۾ منهن ماري ٿي آهي

بجيٽ اجلاس ۾ خطاب دوران دعا ڀٽو چيو ته هڪ ايم پي اي سندس اجرڪ لاٿو، پر هيل تائين اُن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، پيپلز پارٽي اِن ڪري نه ٺهي هئي ته توهان عورتن جا اجرڪ لاهيو

صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا چيو ته پارٽي جي قيادت خلاف غيرمناسب ٻولي برداشت نه ڪئي ويندي

ايم پي اي فردوس شميم نقوي چيو ته دعا ڀٽو قيادت تي تنقيد ناهي ڪئي، رڳو حوالو ۽ مثال ڏنو آهي

مُڪيش ڪمار چاولا جي اعتراض بعد ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري دعا ڀٽو جي مائيڪ بند ڪري ڇڏي