ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ راڻي کيت بيماري وگهي 22 مور موري ويا، جڏهن ته ڪيترائي مور بيمار آهن، ان ڏس ۾ ڳوٺ کاروڙو ۾ راڻي کيت بيماري وگھي 2 مور، ڳوٺ اونهير ۾ 8 ۽ ڳوٺ کارڙيو ۾ 10 ۽ شھر ۾ 2 مور مري ويا آھن، جڏهن ته ڪيترائي مور راڻي کيت بيماري ۾ وڪوڙجي ويا آھن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن شاهنواز کوسو، لياقت کوسو، حاجي ڪنڀار ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺن ۾ مور وڏي تعداد ۾ رھن ٿا، جن ۾ پنجاھ سيڪڙو مور پکي بيمار آهن، مور بيماري سبب اڏرڻ جي سگھه ختم ٿي وڃي ٿي، ڌاڻو به نٿا کائين ۽ پاڻي به نٿا پيئن، هنن چيو ته وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، نوٽيس ورتو وڃي.