ڪراچي(م ڊ) قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ٽي 20 ڊيبيو کان اڳ پنهنجي امڙ سان وڊيو ڪال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ اڄ کيڏي پئي وڃي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به اڄوڪي ميچ ۾ شاهنواز ڏاھاڻي جي ڊيبيو جي تصديق ڪئي
ٽي 20 ڊيبيو کان اڳ شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي ماءُ سان وڊيو ڪال تي ڳالهايو ۽ کيس سندس ڪاميابي لاءِ دعا ڪرڻ جو چيو
فاسٽ بالر چيو ته سندس ماءُ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هوءَ ڏاڍي خوش هئي ۽ هن ڪاميابي لاءِ تمام گهڻي دعا ڪئي آهي