ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي لاڳيتين ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان جي ڀلوڙ بيٽسمين ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي سيمي فائينل کان 2 ڏينهن اڳ شديد چيسٽ انفڪيشن ٿيڻ ۽ کيس ٻن ڏينهن تائين آءِ سي يو ۾ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف سيمي فائينل ۾ پاڪستان جي آسٽريليا هٿان هارائڻ بعد قومي ٽيم جي ڊاڪٽر نجيب سومرو ڪيو آهي
گذريل ڏينهن ميچ هارائڻ بعد دبئي ۾ ڪپتان بابر اعظم سان گڏ ڪيل ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر نجيب سومرو ٻڌايو ته 9 نومبر تي محمد رضوان کي شديد چيسٽ انفڪيشن ٿي پيو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪرڻو پيو. ڊاڪٽر نجيب موجب رضوان کي ٻه ڏينهن آءِ سي يو ۾ ترسڻو پيو ۽ قومي ٽيم جو مورال متاثر ٿيڻ جي خدشي سبب اها خبر ڳجهي رکي وئي
ڊاڪٽر نجيب چيو ته آءِ سي يو ۾ ترسڻ دوران محمد رضوان زبردست انداز ۾ رڪور ڪيو ۽ کيس ميچ کان اڳ فٽ قرار ڏنو ويو. ڊاڪٽر چيو ته محمد رضوان بيماري دوران جنهن همت ۽ حوصلي ۽ ميچ ۾ جنهن ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو اها اسان سڀني جي سامهون آهي….ايس اوٽي ڊاڪٽر نجيب سومرو….
قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر محمد رضوان جي آءِ سي يو ۾ داخل هئڻ واري هڪ تصوير ٽويٽر تي شيئر ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هي شخص پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏيو ۽ پنهنجي بهترين راند پيش ڪئي. شعيب اختر محمد رضوان کي هيرو قرار ڏنو
سيمي فائينل ۾ قومي ٽيم جي شڪست کانپوءِ پنهنجي جاري ڪيل پهرين ٽويٽ ۾ محمد رضوان قومي ٽيم جي رانديگرن جي فوٽو سيشن واري تصوير شيئر ڪئي آهي ۽ لکيو آهي “ديئي جلا ڪي رکنا”
This is incredible!!
"Mohammad Rizwan @iMRizwanPak developed a severe chest infection on 9th November after which he was admitted to hospital & spent 2 nights in the ICU. He made an incredible recovery to be fit for the match" Pak team Doctor pic.twitter.com/qMDZ9vMWjs— Shahzad Iqbal (@ShahzadIqbalGEO) November 11, 2021
ھي به پڙھندا
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جَي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست، آسٽريليا فائنل ۾ پهچي ويو