ڪنڌڪوٽ ۾ ميمونا سومرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

0
157

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) هڪ مهينو اڳ بخشاپور ٿاڻا جي قتل ٿيل ناري ميمونا سومرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ سومرا برادري سوڌو مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي ڪارڪنن ڪشمور روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي

 اڳواڻن جو چوڻ هو ته ميمونا سومرو کي قتل ٿئي هڪ مهينو گذري چڪو آهي پر قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، پوليس 5کان وڌيڪ جوابدارن مان رڳو هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي،  ميمونا سومرو کي بي دردي سان قتل ڪندڙ جوابدارن کي بااثرن جي پٺڀرائي حاصل آهي ان ڪري پوليس جوابدارن جي وجهو وڃڻ کان لنوائي رهي آهي، ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.