حيدرآباد: لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي، وڌيڪ 3 بيوٽي پالرز سيل

0
215

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي وڌيڪ 3 بيوٽي پالرز سيل ڪيا ويا آهن، اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 6 ريسٽورينٽس مالڪن کان هزارين رپيا ڏنڊ به وصول ڪيو ويو، ايس او پيز جي خلاف ورزي تي برگر بائيٽس سيل ٿي ويو، انتظاميه جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون دوران ايس او پيز تي هر صورت ۾ عمل ڪرايو ويندو.