تنقيد ڪندڙ پنهنجو رت ساڙي رهيا آهن، مونکي ڪا پرواهه ناهي: مصباح الحق

0
264

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته مون تي تنقيد ڪندڙ پنهنجو رت ساڙي رهيا آهن، مونکي ڪو فرق نٿو پوي. ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي جي ڪاميابي دوري بعد ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي ڪنڊيشنز ۾ ڪاميابي آسان ناهي هوندي، وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ مسئلن جِي نشاندهي ٿي آهي. هن سوال جَي جواب ۾ مصباح الحق چيو ته مون تي تنقيد ڪندڙ پنهنجو رت پيا ساڙين، تنقيد سان مونکي ڪهڙو فرق پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته انگلينڊ خلاف سيريز ورلڊ ڪپ جي تياري جو حصو آهي، اهو تاثر غلط آهي ته دوري دوران نوجوان ڪرڪيٽرن کي موقعو نه ڏنو ويو. مصباح الحق چيو ته تنقيد ڪندڙ سڀ کان پهريان ٽيم جي ڪارڪردگي جاچين، ان کانپوءِ ڀلي تنقيد ڪن.