حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 2018ع دوران حيدرآباد رينج پوليس ۾ ڀرتي ڪيل ڊرائيور پوليس اهلڪارن کي ٽن سالن تائين جوائنگ آرڊر نه ڏيڻ تي آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 24 جون تي عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ اميدوارن اظهر علي، جنيد احمد، آصف علي، عبدالمجيد، پرويز احمد، غلام رسول، ساجد علي، محمد اڪرم، حبيب الله ۽ سيف الله پنهنجي وڪيل بلاول بجير معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو ته 2018ع ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج جي دادو، ٺٽو، بدين، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ حيدرآباد سميت 9 ضلعن ۾ ڊرائيور پوليس اهلڪارن جي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏنو هو جنهن بعد انهن درخواستون ڏئي انٽرويو ڏنا. نوڪري لاءِ انهن ڊوڙ، فزيڪل ٽيسٽ ۽ ميڊيڪل سميت سمورا مرحلا مڪمل ڪري ڇڏيا. فائنل لسٽ ٺاهڻ دوران کين چيو ويو ته هو پاس آهن پر ان کانپوءِ اڃا تائين کين نه ئي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن ۽ نه ئي کين جوائننگ ڏني پئي وڃي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس سلطانه ڪوثر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا ته 3 سال اڳ اميدوارن کان انٽرويو وٺي کين پاس قرار ڏنو ويو هو پر ان کانپوءِ ڄاڻايل مرحلو بنا سبب ٻڌائڻ جي بند ڪيو ويو جنهن ڪري اڃا تائين اميدوارن کي نوڪريون نه ملي سگهيون آهن. عدالت ۾ لاڳاپيل ڪيس ۾ آءِ جي پاران پيش ٿيندڙ عملدار ڪو تسلي جوڳو جواب نه ڏئي سگهيا. عدالت رمارڪس ڏنا ته پوليس عملدارن پاران پيش ڪيل جواب مان مطمئن نه آهيون ان لاءِ آءِ جي سنڌ 24 جون تي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪرائي.