عثمان شاهه هڙي (ن پ ا) ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ سيد محبت شاھ بخاري ۾ منڱريا برادري جي نوجوان گورنر مڱريو جي قتل ڪيس جي مک جوابدار جاويد شاھ جي گرفتاري لاءِ شوڪت مڱريو،غلام حسين منڱريو،نعيم منڱريو ۽ صالح منڱريو جي اڳواڻي ۾ عثمان شاھ هڙي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته جاويد شاھ جي ماڻهن اسان جي گهرن مٿان حملو ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ۽ عورتن مٿان تشدد ڪيو، جنهن کي هڪ مهينو گذري ويو آهي پوليس هن مهل تائين قتل ڪيس جي مک جوابدار جاويد شاھ کي گرفتار ناهي ڪري سگهي هن وزيراعلي سنڌ،آء جي سنڌ،ڊي آء جي حيدرآباد سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.