واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا افغانستان ۾ جنگ ۾ 20 کرب ڊالرن جو نقصان ڪيو، 20 سالن تي مشتمل جنگ ۾ آمريڪا جا 2300 کان وڌيڪ فوجي مارجي ويا، 20 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، هزارين افغان شهري مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. ٻئي طرف سي اين اين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان مان نيٽو فوج جي واپسي بعد طالبان هڪ ڀيرو وري اقتدار ۾ اچي سگهن ٿا ۽ هو ماڻهن تي وري ظلم جي بازار گرم ڪندا. رپورٽ موجب هلمند صوبي جي موسيٰ ڪلا ضلعي ۾ طالبان جو مڪمل ڪنٽرول آهي ۽ اتي سندن حڪومت هلي ٿي، اتي عورتن کي اڪيلو گهرن مان نڪرڻ جي اجازت نه آهي، اميرن تي ٽيڪس لڳل آهي، ادا نه ڪرڻ تي ماڻهن کي مارڪٽ ڪئي ويندي آهي، موبائل عدالتون انصاف ڪنديون آهن، زنا تي جيل يا موت جي سزا ملندي آهي ۽ چورن کي سر عام لٽڪايو ويندو آهي. ويڙهاڪن کي ماني، ڪپڙا ۽ اسمارٽ فون جا تحفا ڏنا ويندا آهن، هن علائقي ۾ 20 سالن جي ويڙهه ۾ سوين آمريڪي، برطانوي ۽ افغان فوجي مارجي چڪا آهن.