اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آءِ ايم ايف جي نمائندي ٽريسادوبان سنچي چيو آهي ته پاڪستان مٿان قرض ۽ حڪومتي ضمانتن جي رقم جي ڊي پي جي 92.8 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، غير يقيني عالمي حالتون پاڪستان لاءِ چيلينج آهن، ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ پاڪستان جي قرضن کي ملتوي ڪرڻ تي غور ٿي سگهي ٿو، ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ڪورونا ٽيڪس لڳائڻ يا نه لڳائڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، ويب نار تي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي خرچن لاءِ ويلٿ ٽيڪس لڳائڻ به پارليامينٽ جو ڪم آهي، پاڪستان ٽيڪس ڏيندڙن جي تعداد ۾ اضافو ڪري به ٽيڪس آمدني وڌائي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ٽيڪس سڌارن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪس ڇوٽ کي محدود ڪرڻ ضروري آهي، پاڪستان ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قيمت مستحڪم ٿيڻ ضروري آهي، غريب طبقي جي مدد ڪرڻ به ضروري آهي، هن چيو ته توانائي شعبي جي جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ به پاڪستان لاءِ ضروري آهي، ڪورونا کان پهريان پاڪستان جي معيشت استحڪام طرف وڌڻ لڳي هئي، ايف اي ٽي ايف جي حدفن تي به عملدرآمد ٿي رهيو هو.هن چيو ته پاڪستان کي 5 بنيادن تي ٻڌل پيڪيج ڏنو ويو جنهن ۾ پهرين بنياد معاشي نظم و ضبط، ٽيڪس آمدني کي وڌائڻ، ٽيڪس چوري کي روڪڻ، مانيٽري پاليسي ۾ ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام، مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ، توانائي شعبي ۾ سڌارا آڻن ۽ ٻيا بنياد شامل آهن، هن چيو ته پاڪستان کي بجلي جا اگهه وڌائڻا پوندا، آءِ ايم ايف جي ادارن ۾ سڌارا آڻڻ به قرض فراهمي جي بنيادن ۾ شامل آهي، اسٽيٽ بينڪ کي خودمختياري ڏيڻ بابت ڪا ڊڪٽيشن ناهي ڏني.