لاهور (بيورورپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. نيب پراسيڪيوٽر سيد فيصل رضا بخاري چيو ته نصرت شهباز ٽي ٽيز سان ڪمپني ٺاهي ڊائريڪٽر بڻجي. ان ڪمپني جو منافعو هڪ ڪروڙ رپين کان به گهٽ هئو. حمزه شهباز جا 53 ڪروڙ 30 لک جا اثاثا آهن. حمزه شهباز کي 23 ٽي ٽيز آيون. جيستائين حمزه شهباز وٽ عوامي عهدو هو ڪابه ٽي ٽيز نه آئي هئي. نيب جي وڪيل چيو ته شهباز شريف 2008ع کان 2018 دوران پنجاب جو وڏو وزير رهيو. 2018 ۾ ايم اين اي بڻيو. 2018 ۾ شهباز شريف خاندان جا 7 ارب 30 ڪروڙ جا اثاثا ٿي ويا. 2009 ۾ ملڪيت سيٽلمنٽ ۾ رمضان شگرمل شهباز شريف جي حصي ۾ آئي. جڏهن ته چوڌري شُگرمل ۽ ٻيون نوازشريف ۽ عباس شريف کي مليون. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 7 ارب 32 ڪروڙ رپين جي اثاثن جا تفصيل نه مليا آهن هي پهرين ڊي ايچ اي ۾ ڪرائي تي رهندا هئا. فيملي ملڪيت جي ورهاست جو ان ڀائرن جي وچ ۾ معاهدو ٿيو. فيملي ملڪيت مان ان سڀني کي فيڪٽريون، ملز حصي ۾ آيون، 3 ڪروڙ رپيا هنن جي سالياني آمدني جي ذريعن جي ڪابه خبر ناهي. زرعي پيداوار کان آمدني 13 ملين رپين کان وڌيڪ ساليانو آهي. نيب سمورن اثاثن جي جاچ سرزمين تي وڃي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته نصرت شهباز جي ورهاست ۾ ڪابه ملڪيت ٽرانسفر ناهي ٿي. سليمان شهباز ۽ حمزه شهباز جي نالن تي ٽي ٽيز به اينديون رهيون. پنهنجي رهائشگاهن کي 10 سالن تائين وزيراعليٰ هائوس جو درجو ڏئي ڪروڙين رپيا ناڻي مان خرچ ڪيا ويا. ڪمپنين مان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ منافعو ٿيو جڏهن ته 26 ٽي ٽيز به آيون. عدالت چيو ته اسان کي شهباز شريف جو ڪيس ٻڌايو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ورهاست ۾ مليل رمضان شگرمل کان علاوه ان جو ڪوبه آمدني جو ذريعو ناهي. جيڪو به ٺاهيو ويو اهو ٻاهران ايندڙ ٽي ٽيز مان ٺاهيو ويو. پاپڙ واري جي اڪائونٽ مان 14 لک ڊالر هن جي نالي تي موڪليا ويا. پاپڙ واري ٻڌايو ته ان جو شهباز شريف فيملي سان ڪوبه تعلق ئي ناهي نه ڪڏهن پئسا اماڻيا. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته نيب جي 110 شاهدن مان هڪ به شهباز شريف جو نالو ورتو هجي ته ضمانت واپس وٺي ڇڏينداسين. عدالت چيو ته ايف بي آر ۾ اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا ويا. ايف بي آر ڇو نه پڇيو ته ملڪيت آمدني کان وڌيڪ آهي؟ جيڪڏهن دائري ۾ نٿو اچي ته نيب ڇو جاچ ڪري رهيو آهي؟ شهباز شريف جي وڪيل چيو ته ايف بي آر جي رپورٽ به لڳائي آهي. مون کي 27 ڪروڙ جو حساب ڏيڻو اهي. مون زرعي زمين مان جهاز، پيداوار ۽ ڊيري جي ٽيڪس جا تفصيل به ڏنا آهن. عدالت چيو ته ايف بي آر کي پڇڻ گهرجي ها ته امدني ايتري وڌيڪ ڪيئن ٿي وئي؟ جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته 6 سالن کان وڌيڪ جو آڊٽ نٿو ٿي سگهي. ڪو به ماڻهو ايترن سالن تائين رسيدون نٿو سنڀالي سگهي. منهنجي اصيل جي عمر 70 سال آهي ۽ هو اپوزيشن اڳواڻ آهي. هڪ به شاهد بيان ڏئي ته شهباز شريف ان رقم جو مالڪ آهي ڪنهن به گواهه اهو بيان ناهي ڏنو ته شهباز شريف ڏوهاري آهي. عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ 50-50 لک رپين جي ٻن مچلڪن عيوض شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي.