وڪٽوريا (انٽريسٽنگ نيوز): آسٽريليا ۾ سمنڊ ڪناري جي صفائي ڪندڙ عملي جي هڪ ميمبر کي 10 سال اڳ پاڻيءَ ۾ اڇلايل بوتل ۾ بند پيغام مليو آهي. آسٽريلوي رياست وڪٽوريا جي شهر نابول ۾ روس ايونز بيچ پيٽرول 3280 سان گڏ سمنڊ ڪناري جي صفائي ڪري رهي هئي ته پلاسٽڪ جي بوتل ۾ بند 8 ورهين جي ٻارڙي جو پيغام مليو. پيغام ۾ لکيو هو ته ”منهنجو نالو آئنيس زيپڪان آهي، مان 8 سالن جي آهيان، جنهن کي به هي پيغام ملي ان جي لاءِ منهنجي ۽ منهنجي خاندان طرفان نيڪ خواهشون. پيغام ملڻ بعد روس ايونز انسٽاگرام تي ان ٻارڙي کي تلاش ڪيو (جنهن جي عمر هاڻي 18 سال آهي).  تازو ئي رابطو ڪرڻ تي آئنيس زيپڪان روس ايونز کي هڪ پيغام ۾ لکيو ته هن اهو پيغام وڪٽوريا جي شهر پورٽ لينڊ مان 10 سال اڳ سمنڊ ۾ اڇلايو هيو. هن وڌيڪ چيو ته معذرت خواهه آهيان ته ان پيغام سان گڏ لکين پائونڊز نه موڪلي سگهيس، پر کيس خوشي آهي ته انهن ماڻهن کي اهو پيغام مليو.  ان بوتل 10 سالن جي عرصي ۾ 80 ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلو طئي ڪيو.