ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز): ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون بعد هاڻي جاپان ۾ ٻارن کي روئارڻ جو عجيب ۽ غريب مقابلو ٻيهر منعقد ٿيو آهي، جنهن کي ”روئڻ جو سومو مقابلو“ سڏيو ويندو آهي. چار سالن بعد اهو مقابلو ٻيهر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارن کي ان لاءِ روئاريو ويندو آهي ته ان طرح سان روئڻ سان انهن جي صحت سٺي رهندي آهي ۽ اهي مطمئن رهندا آهن. ان لاءِ ٻارن کي باقاعده ڊيڄاري روئاريو ويندو آهي. انتظاميا جو عملو ”اوني“ نالي عفريت جو ماسڪ پائيندو آهي ۽ ٻارن کي سومو پهلوانن جو لباس پهرائي انهن کي ڊيڄاريندڙ چهري وارن ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو ويندو آهي. هن ڀيري اهو مقابلو ٽوڪيو ۾ واقعو سينسوجي جي مندر ۾ منعقد ڪيو ويو هيو. ان دوران ريفري سنهڙي ڪاٺي جو وڃڻو هٿ ۾ رکندو آهي ۽ جيڪو ٻار پهرين روئندو آهي اهو ئي فاتح قرار ڏنو ويندو آهي. ريفري ڪاٺي جو وڃڻو لهرائي ٻار جي فتح جو اعلان ڪندو آهي.  هڪ اٺ مهينن جي ٻارڙي جي ماءُ ٻڌايو ته جاپاني ٻارن جي روئڻ سان انهن جي صحت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. هن ٻڌايو ته سندن ڌيءَ اڄ کلي  ڪري نه رني. واضح رهي ته ٿوري گهڻي تبديلي سان ”ڪرائنگ سومو“ جاپان جي هر علائقي ۾ منعقد  ٿيندا آهن. انتظاميا مطابق ڪجهه ماڻهو ان تهوار تي تنقيد ڪندا آهن، پر جاپاني تهذيب ۾ جيڪي ٻار کلي ڪري ۽ رڙيون ڪري روئندا آهن، سڄي زندگي اهي ٻين جي مقابلي ۾ تندرست رهندا آهن.

 

مقابلي ۾ ڪنهن ٻار کي پهرين يا ڪنهن ٻار کي سڀ کان آخر ۾ روئڻ تي فاتح قرار ڏنو ويندو آهي، ڇو ته هر هنڌ جا اصول مختلف ٿي سگهن ٿا.