ھڪ جپسي ڪالم … جھان پور کان سکر ۽ اڳتي …

0
43
ھڪ جپسي ڪالم ... جھان پور کان سکر ۽ اڳتي ...

ڳوٺن ۾ اسان جا سنڌي صبحَ نيراني پنج ست ميلَ پنڌ جھاڳي ويجھي ڪنھن ھوٽل تي وڃي جو بينچ سنڀاليندا آھن ته شام تائين اتان چُرندا به ناھن ۽ شام جو ڳوٺ پھچي، گھر ۾ آرام فرمائڻ لڳندا آھن، ٻنين ٻارين جو سڄو ڪم ڪار ويچاريون عورتون ئي ڪن، ايسيتائين جو ٻني ٻاري کي پاڻي به پاڻ ڏين ته ھر به اھي پاڻ ڪاھين. آخر ۾ راتين جو انھن ھوٽلائين جي جنسي ضرورتن جو شرعي حڪمن مطابق پورائو به ڪن، ڇو ته اسان جي سماج ۾ مرد سپريم آھي، ڀلي ڪجھ به ڪري ۽ اھا ئي شئي ٿوري گھڻي فرق سان اسان شھر وارن وٽ به آھي مگر ٿوري مختلف اندازَ ۾. اسان پنھنجو فارغ وقت اڳ ۾ ته گھر جي رھيل ڪمين ڪارين کي ڏيندا ھئاسين ۽ گھر وارا به خوش ٿيندا ھئا ته بابا سائين ھن عمر ۾ به ڪارائتا ثابت ٿي رھيا آھن پر جڏھن کان اھي فيس بوڪ، ٽوئٽر، انسٽاگرام ۽ پنٽرسيٽ آيا آھن، اسان جھڙا پوڙھا به ڄڻ ته چُرڻ پُرڻ کان ئي سُڪَ ٿي ويا آھيون. صبح ساڻ ئي جو ان سائبر ھوٽل تي ويھي ٿا رھون ته رات جا ڏھ به ٿيو وڃن ۽ اکين اڳيان چڙھيل اھو ھٿ -پرزو يعني موبائل ھيٺ کٽَ تي رکڻ جو نانءُ ئي نه ٿا وٺون. انھن عادتن جي ڪري پلس ٽو جو چشمو پلس چار ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي خير سان جيون ساٿيءَ جو نوراني چھرو به دير سان سڃاپجڻ ۾ اچي ٿو.

ايئن ئي رات فيس بوڪ تي سرفنگ ڪندي ڪندي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي ھڪ لنڪ آڏو اچي وئي. ان تي اسان جي سکر واري ساٿي ممتاز بخاريءَ جو فوٽو لڳل ھو ۽ ھيٺ جيڪا انفو ڏنل ھئي، اھا ڪجھ ھيئن ھئي:

“ممتاز بخاري سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ آهي، جنهن چار ناول، ٽي مختصر ڪهاڻين جا ڪتاب، تنقيد ۽ ادب تي ٽي کن ڪتاب، ترجمي جا پنج ڪتاب ۽ ٽي تحقيقي ڪتاب ٻن اردو ڪتابن سان گڏ لکيا آهن. هو سنڌي ۽ اردو ٽي وي سان گڏوگڏ ريڊيو ڊرامن جو به ناٽڪ نگار آهي ۽ ٽيھن سالن تائين ساندھ ڪم ڪندڙ صحافي رهيو آهي، مختلف موضوعن تي تحقيقي دستاويزن جو ڳاڻيٽو الڳ آھي. سندس ادبي ليکَ بين الاقوامي سطح تي شايع ٿي مڃتا ماڻي چڪا آهن، جنهن ۾ سندس جڳ مشھور ناول “ڪلاس فور جي محبوبه” اردوءَ ۽ ھنديءَ ۾ ترجمو ٿي ھندستان مان به شايع ٿيو آھي ۽ ٻه ٻيا سنڌي ناول “بي رنگ” ۽ “مون کي تنهنجو انتظار ڪرڻو آهي” انگريزيءَ ۾ شايع ٿي رھيا آھن. هن حبيب ساجد سان گڏ نوبيل انعام يافته ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون ترجمو ڪيون، جيڪو روشني پبليڪيشن پاران ٻه دفعا ڇپيو. ھُن ڪيترن ئي ادبي رسالن ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. مختلف تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪيو آھي ۽ ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي ادبي پروگرامن، ڪانفرنسن ۽ ورڪشاپن ۾ حصو ورتو آھي. کيس اڪيڊمي آف ليٽرز پاڪستان ۽ سنڌي ادبي تنظيمن جھڙوڪ  “سنڌي لئنگئيج اٿارٽي” طرفان ايوارڊ ملي چڪا آھن. هڪ بهترين تعليمي پس منظر سان هو مڃيل ادبي، سماجي ۽ صحافتي تنظيمن ۾ عهدن تي فائز رھيو آهي. کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ اسڪرپٽ لکندڙ، مترجم ۽ اينڪر پرسن جي حيثيت سان مڃيو ويو آهي ۽ ٽيليويزن ۽ ريڊيو پروگرامن جي ميزباني ڪري چڪو آهي. هن وقت هو سکر آرٽس ڪائونسل جو صدر آهي”.

ان ڪتابي معلومات کان ھٽي ڪري به ممتاز بخاري جڏھن اسان سان گڏ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندو ھو ته ان وقت ئي ھُو پنھنجي منفرد انداز جي گھوٽڪي واري سنڌي لھجي ۾ ڳالھائڻ ڪري اسان سڀني کي وڻندو ھو ۽ اسان ھميشه کيس پنھنجي وچ ۾ ويھاري خوشي محسوس ڪندا ھئاسين….. اسان جو اھو گروپ ممتاز بخاريءَ کان سواءِ ڄڻ ته اڻ پورو ۽ نامڪمل رھندو ھو. ڊگھي قد جو مالڪ ھئڻ جي ڪري ھُو ڇوڪرين ۾ ڏاڍو مقبول ھوندو ھو. ھن جو سڀ کان ويجھو دوست حسن ڊومڪي به ھن وانگر ئي تلھڙ قداور ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو رڳو سيمسٽر ۾ ئي ڪتاب ھٿ ۾ کڻندو ھو ۽ ٽيچرس کي مارڪن لاءِ ايلاز ڪندي نظر ايندو ھو. ممتاز جي قد آور ھئڻ جو وڏو فائدو ڪئمپس جي اردو ڳالھائيندر ڇوڪرين کي ھوندو ھو. ھُو کيس نم جي وڻن جي جھُگٽي ڏي وٺي وينديون ھيون ۽ اسان ممتاز جي قسمت تي ريس ڪرڻ لڳندا ھئاسين. واپس اچي ھُو ٻڌائيندو ھو ته ڇوڪرين کي انھن جي ڊگھن وارن جي لاءِ نموريون ڇاڻي ڏئي آيو آھيان پر اسان ھن تي ڪڏھن به اعتبار نه ڪندا ھئاسين ۽ ور ور ڏئي پڇندا ھئاسين ..ڪنا.. سچ ٻڌاءِ ڇا ٿيو ھو…. ۽ ھُو شرم وچان نيرو ۽ پِيلو بڻجي ويندو ھو. ھن جو يونيورسٽيءَ ۾ ھڪ منفرد مقام ھوندو ھو، جڏھن اسان سائين اياز گل ۽ سائين ادل سومري کي رڳو رسالن ۾ ئي پڙھندا ھئاسين ته ھي انھن ٽاورنگ شخصيتن سان ذاتي طور تي ملي ايندو ھو ۽ اسان کي انھن کان ورتل آٽوگراف ڏيکاري احساس ڪمتريءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيندو ھو. مان ڀايان لطيف يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ممتاز بخاريءَ ئي ادبي ڪتابن ڇپائڻ لاءِ ھڪ ادبي اشاعت گھر لانچ ڪيو ھو، جنھن جو پھريون ڪتاب پنجن ليکڪن جي ڪھاڻين جو ڪتاب هو ۽ ان بعد ٽن شاعرن جي وائين جو ڪتاب “تنھنجي وئي کان پوءِ” ڇپرايو ھئائين، جنھن ۾ علي عابد ۽ ابراھيم کرل سان گڏ ھي خاڪسار به شامل ھو ۽ ان ڪتاب جي خوبي اھا ھئي ته ان ۾ ٽنھي شاعرن ھڪ وائي انھيءَ ڪتاب جي ٽائٽل واري لکي ھئي يعني وائيءَ جي وراڻي ھئي: “تنھنجي وئي کان پوءِ” ۽ اھو منفرد آئيڊيا به ممتاز جو ئي ھو. اسان سڀ يونيورسٽين کان نڪرڻ سان ئي سرڪاري نوڪرين ۾ لڳي ويا ھئاسين پر ممتاز پنھنجي منفرد پورٽ فوليو ۽ حساس پڻي جي ڪري ڪنھن به خاص محڪمي ۾ نوڪري نه وٺي سگھيو. ھر انٽرويو وٺندڙ اھو چئي مايوس ڪري ڇڏيندو ھوس ته اوھان جي ڪيڊر ۽ اھميت واري جاب اسان وٽ ناھي. اوھان کي بيلجيم يا فرانس وڃي نوڪري ڪرڻ کپي، اوھان ڪافي مختلف آھيو. ايتري تائين جو يونيورسٽيءَ جي آءِ آر ڊپارٽمينٽ ۾ ھي ليڪچرار ٿي رھيو ھو، مگر پي پي جي قائم علي شاھ ۽ ھن جي پٽ اسد شاھ جي آشيرواد نه ھجڻ جي ڪري ھُو پنھنجي ئي ڊپارٽمينٽ ۾ جاب حاصل نه ڪري سگھيو ۽ ان پوسٽ تي به ھڪ پي پيءَ جو دل گھريو جيالو اچي براجمان ٿيو. جيڪڏھن ھُو آءِ آر ۾ نوڪري وٺي سگھي ھا ته اڄ سائين امان ڀٽيءَ جي ليول ھو استاد ھجي ھا ۽ ھُو پنھنجي سنڌ کي تمام سھڻن شاگردن جي لڙھي تيار ڪري ڏئي ھا. ممتاز گھڻو ڪم ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ڪيو، جتي اڳ ۾ ھو اسڪرپٽ رائٽر ٿيو ۽ پوءِ پاڻ به ڪجھ پروگرامن جي ميزباني ڪرڻ لڳو ھو. انھن ڏھاڙن ۾ ريڊيو خيرپور جي لوڪل فضائن ۾ سائين اسحاق انصاري، روبينه راحت ۽ رخسانه ميراڻيءَ جھڙن مايه ناز انائونسرن جي آواز ۽ صداڪاريءَ جي حڪومت ھلندي ھئي، انھن ڪنڪريٽ ديوارن ۾ ممتاز ۽ شوڪت نوناريءَ ڪمال محنت سان پنھنجي آواز جو ڌاڪو ڄمايو ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ان دئور کي اسان جا اولڊ خيرپوري گولڊن دئور چوندا آھن، جنھن ۾ مختيار ملڪ، جھانگير قريشي، ٻانڀڻ صاحب، شوڪت خاصخيلي ۽ ڪوثر ٻرڙي جھڙا ريڊيو جا پروڊيوسر اسٽيشن جي مورال ۽ اسٽيٽس کي کنيو بيٺا ھوندا ھئا. وچ ۾ ڪجھ عرصي لاءِ حيدرآباد مان سائين نصير مرزا به بدلي ٿي خيرپور آيو ته ان بعد خيرپور جي اسٽيشن اسان سنگتين لاءِ يونيورسٽيءَ کان پوءِ ڄڻ ته ٻيو گھر بڻجي وئي ھئي. مون کي به گھڻا تڻا پروگرام سائين نصير مرزا ڏنا ھئا، جنھن جي انت ۾ اڪائونٽس وارا ھڪ چيڪ ڏئي ويندا ھئا، جنھن تي 3 سئو يا 5 سئو امائونٽ لکيل ھوندي ھئي ۽ ان رقم سان اسان سنگتين جو يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين جي ٻروچ مينيجر وٽ مھينن کان ڦاٿل چانھ جو قرض چڙھي پوندو ھو ۽ اسان بالم ٿي وري دوستن کي چانھ پيئارڻ جي آفر ڏيڻ جي قابل ٿي پوندا ھئاسين.

ھن مھل جڏھن اسان جا سڀئي سنگتي پنھنجي پنھنجي دائرن ۽ دنيائن ۾ مگن ۽ خوش باش آھن، انھن مان مون کي ممتاز جو وساميل چھرو اڄ به ياد آھي، جڏھن کيس يونيورسٽيءَ مان نوڪريءَ جو ڪوبه آسرو نه ملي سگھيو ھو ۽ ھو ٻي ڪا واھ نه ڏسي صحافت جي خارزار ۽ ڪارزار ۾ داخل ٿيو ھو ۽ اتي به پنھنجي صلاحتين سان ايترو ته اڳتي آيو، جو ھُو اخبار جي مالڪن جي ناگزير ضرورت بڻجي پيو ھو ۽ انھن جي سياست واري سفر ۾ به انھن جو ٻانھن ٻيلي ٿي اڀريو ھو. اڄ اسان جي ھن فقير طبيعت ۽ سچي پچي مولائي مزاج جي ممتاز وٽ اھو سڀ ڪجھ موجود آھي، جنھن جو 10 سيڪڙو به ھن جي يارن يعني اسان وٽ ناھي. ممتاز پاڻ ھڪ عجيب وارتائون سانڍيل ناول جو ڄڻ ڪو اڇوتو ڪردار آھي، جنھن کي خبر ناھي ڪير اچي پورٽري ڪندو ۽ اسان کي پنھنجي ئي يار جي عجيب زندگيءَ بابت ڪو حيران ڪندڙ ناول لکي ڏيندو.