چينين کانپوءِ جاپاني به دهشتگردن جي نشاني تي!!

0
20
چينين کانپوءِ جاپاني به دهشتگردن جي نشاني تي!!

 جمعي واري ڏينهن لانڍي جي مانسهرا ڪالوني ۾ جاپانين جي قافلي تي خودڪش ڌماڪو ڪيو ويو ۽ فائرنگ ڪئي وئي، سيڪيورٽي گارڊن جي مزاحمت ۽ ٿوري ئي فاصلي تي ڊيوٽي تي بيٺل پوليس اهلڪارن جي فوري جوابي ڪارروائي سببب جاپاني محفوظ رهيا، ڌماڪي سان پاڻ کي اڏائيندڙ دهشتگرد جو ساٿي پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، هن حملي ۾ ٻن سيڪيورٽي گارڊن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ سيڪيورٽي گارڊ نور محمد عرف صابر مري جناح اسپتال ۾ دم ڏنو. ڪراچي يا کڻي ايئن چئجي ته ملڪ ۾ جاپانين تي اهڙي نوعيت جو هي پهريون حملو آهي، انهيءَ کان اڳ جاپان سان تعلق رکندڙ ڪنهن به شهري کي ايئن منظم طريقي سان ٽارگيٽ نه ڪيو ويو، اها جاچ ادارن کي ڪرڻي آهي ته دهشتگردن طرفان جاپانين کي ٽارگيٽ ڪرڻ پويان ڪهڙا مقصد آهن؟ ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ دهشتگردن تي ٽارگيٽ تي سرڪاري، نيم سرڪاري يا کڻي چئجي ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار رهيا آهن. جهادي تنظيمون عوامي هنڌن، مخالف نظريي رکندڙ شخصيتن کي به نشانو بڻائينديون رهيون آهن، جنهن جو وڏو مثال سيوهڻ ۾ حضرت لال شهباز قلندر تي ٿيل خودڪش حملو آهي. جهادي تنظيمن، جن مان سرفهرست بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ان جي ڌڙن سان  تعلق رکندڙ دهشتگرد مسجدن ۽ امام بارگاهن کي به نشانو بڻائيندا آهن يا وري مخالف سوچ يا نظريي سان تعلق رکندڙن شخصيتن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪندا آهن، جڏهن ته عليحدگي پسند تنظيمون صرف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قافلن، آفيسرن ۽ سرڪاري هنڌن کي نشانو بڻائينديون آهن. سي پيڪ منصوبي سان سلهاڙيل چيني شهرين تي حملا ڪنديون رهيون آهن. پر ڪراچي  ۾ جمعي واري ڏينهن صبح جو سويري جاپاني شهرين تي ٿيل حملي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙن سان گڏ خود جاپان کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن واقعي به اهو حملو سوچي سمجھي جاپانين تي ڪيو ويو ته پوءِ يقينن پريشاني سان گڏ اهو سوچڻ جو به مقام آهي. پوليس جو خيال آهي ته ڪراچي ۾ جاپاني شهرين تي هي پهريون خودڪش حملو ٿيو آهي، ماضي ۾ ڪڏهن به جاپاني شهرين تي ان قسم جو حملو نه ٿيو. پوليس ذريعن موجب امڪان اهي به آهن ته جاپانين کي چيني سمجهي حملو ڪيو ويو هجي، ڇاڪاڻ ته جاپاني به شڪل صورت ۾ چينين وانگر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ڪنهن به تنظيم هن حملي جي ذميواري اڃا تائين قبول نه ڪئي آهي.

سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن خودڪشي ڌماڪي ۾ پاڻ کي بم سان اڏائيندڙ دهشتگرد جي سڃاڻپ سهيل احمد جي نالي سان ٿي، مارجي ويل دهشتگرد جو تعلق بلوچستان جي پنجگور واري علائقي سان آهي. دهشتگرد سهيل پوليس جي اهلڪار جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو. ٻئي دهشتگرد جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ان دهشتگرد جو تعلق به بلوچستان سان ٻڌايو پيو وڃي. اندازا اهي پيا لڳايا وڃن ته هن حملي ۾ بلوچ علحدگي پسند تنظيم ملوث آهي پر اڃا تائين ان حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. ٻئي دهشتگرد موٽرسائيڪل تي آيا ۽ انهن موٽرسائيڪل بيهاري ٽارگيٽ جي اچڻ جو انتظار ڪيو. جاپانين جي قافلي ۾ 3 گاڏيون شامل هيون، هڪ هاءِ ايس وين، هڪ فارچونر ۽ هڪ ريوو گاڏي هئي، ٻن گاڏين ۾ جاپاني سوار هئا، ٽين گاڏي ريوو ۾ سيڪيورٽي گارڊ هئا. گاڏيون زم زمه کان جاپانين کي کڻي لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون وڃي رهيون هيون، اسپيڊ بريڪر هجڻ ڪري گاڏين جي اسپيڊ جھڪي ٿي ته اڳ ۾ ئي بيٺل دهشتگردن مان هڪ دهشتگرد هاءِ ايس وين جي ويجھو وڃي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو ۽ ٻيو دهشتگرد گاڏين تي فائرنگ ڪندو رهيو. ان سان سيڪيورٽي گارڊ مقابلو ڪيو، ڌماڪي جو آواز ٻڌي ڪجهه ئي فاصلي تي بيٺل اهلڪار فوري پهتا ۽ انهن دهشتگرد کي مقابلو ڪري ماريو. سي ٽي ڊي اختيارين موجب ڌماڪي وقت هاءِ ايس وين ۽ خودڪش بمبار جي وچ ۾ ڊبل روٽين سان ڀريل سوزوڪي اچي وئي، اهو ئي سبب آهي جو ڌماڪي جو اثر هاءِ ايس وين تي گھٽ ٿيو، بال بيئرنگ ٻئي پاسي وڃي ڪِريا. بم ڊسپوزل ٽيم کي ڌماڪي واري هنڌ تان مُنڍي ۽ ٽنگون مليون آهن. سندس ساٿي دهشتگرد پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. دهشتگرد جي ٿيلهي مان 4 دستي بم، 3 رائيفل گرنيڊ، 3 ميگزين، پاڻي جي بوتل، پيٽرول جي بوتل مليا آهن. پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل دهشتگرد جي کيسي مان هڪ دستي بم ۽ سندس هٿ ۾ پڪڙيل دستي بم به مليو آهي. رپورٽ موجب دهشتگرد جي ايس ايم جي رائيفل ۾ به لانچر لڳل هو. ٽوٽل 6 دستي بم، 4 رائيفل گرنيڊ ۽ بال بيرنگ پڻ هٿ ڪيا ويا. ڌماڪي سان پاڻ کي اڏائيندڙ دهشتگرد جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا آهن. هن کان اڳ به 2020ع ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت تي حملو ڪيو ويو، 2018ع ۾ چيني قونصل خاني تي ٿيل حملي جي ذميواري به بلوچ عليحدگي پسند تنظيم قبولي هئي. اپريل 2022 ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني ٻولي سيکاريندڙ استادن تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي ذميواري بلوچ لبريشن آرمي جي مجيد برگيڊ قبولي هئي. اهو ڌماڪو عورت خودڪش بمبار ڪيو هو. اهڙي ريت مئي 2022 ۾ صدر ۾ سائيڪل بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي ذميواري ايس آر اي نالي تنظيم قبول ڪئي، جنهن جي 4 ڏينهن بعد  کارادر ۾ ڌماڪو ٿيو هو. جون 2020 ۾ لياقت آباد ۾ احساس ڪفالت سينٽر ٻاهران بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي ذميواري به ايس آر اي قبول ڪئي. 2021 ۾ شير شاهه ۾ شهزور گاڏي ۾ بم ڌماڪو ڪيو ويو هو. فيبروري 2024 ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران معمولي نوعيت جو ڌماڪو ٿيو، جنهن ذميواري به ايس آر اي قبول ڪئي. 2023  ۾ خودڪش بمبار سکن ٿاڻي جي حد دائود جيٽي ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس دهشتگرد کي ماري حملو ناڪام بڻايو. گذريل سال ڪراچي پوليس آفيس ۾ دهشتگرد گھڙي ويا هئا. ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان قبولي هئي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي عليحدگي پسند تنظيمن ۽ جهادي تنظيمن جو پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ آهي. دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙ انهن تنظمين جو ‘هينڊلر’ ساڳيو آهي. عليحدگي پسند تنظيمون به عوامي هنڌن کي نشانو بڻائين ٿيون. ڪراچي ۾ دهشتگردن جا سليپر سيل موجود آهن، جيڪي ايران، افغانستان ۽ انڊيا مان آپريٽ ٿين ٿا، هن شهر جي اندر مذهبي ۽ فرقيوارڻن بنيادن تي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي جا واقعا ماضي ۾ به ٿيا آهن پر ويجهي ماضي ۾ ٿيل خودڪش حملن ۽ وڏن دهشتگرد حملن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ پابندي مڙهيل عليحدگي تنظيمون ملوث آهن. تازو ٿيل حملي ۾ به عليحدگي پسند تنظيم جي ملوث هجڻ جو شڪ آهي. ڪراچي ۽ بلوچستان کي ملائڻ لاءِ مين روڊن کان علاوه ٻيا به ڪافي رستا آهن. انهن رستن کي سال 2 اڳ بند ڪندي قلم 144 پڻ لاڳو ڪيو ويو هو. ڪراچي جي داخلي رستن تي اسڪينر به ناهن، پوليس لاءِ هر گاڏي کي چيڪ ڪرڻ ممڪن ناهي. شهر جي اندر به سيف سٽي منصوبو اڃا تائين مڪمل ٿيڻ جي انتظار ۾ آهي. شهر ۾ پوليس جي نفري تمام گهٽ آهي،   نفري جو ڪافي حصو وي وي آءِ پيز جي سيڪيورٽي تي مقرر ٿيل آهي. چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ به پوليس ۾ الڳ شعبو اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ (ايس پي يو) ٺهيل آهي.

لانڍي ۾ پوليس جي فوري ڪارروائي واکاڻ جوڳي آهي پر اسان سمجھون ٿا ته  دهشتگردن جو آساني سان ڪراچي پهچڻ، ٽارگيٽ جي ريڪي ڪرڻ، آساني سان هٿيار ۽ بارودي مواد ٻاهران کڻي اچڻ يا ڪراچي مان ئي حاصل ڪرڻ ۽ ان بعد ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ يقينن هڪ ڏينهن جو ڪم ناهي، منصوبابندي ۾ هفتو يا 2 هفتا ته لڳندا هوندا، ان صورتحال ۾ سيڪيورٽي ادارن، خاص طور تي انٽيليجنس ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال ضرور اٿن ٿا. شهر ۾ سليپر سيل موجود آهن ته انهن کي پڪڙڻ، سهولتڪارن جو پتو لڳائڻ به ممڪن آهي. ڪو به واقعو ٿيڻ بعد ادارا حرڪت ۾ اچن ٿا. ان کان علاوه حڪومت جي ذميواري به بڻجي ٿي ته اها هن حوالي سان پنهنجي پاليسي واضح ڪري ۽ لانگ ٽرم پاليسي جوڙي. امن امان جي صورتحال اهڙي رهي ته ٻاهران سيڙپڪار نه ايندا ۽ ملڪ ۾ موجود سيڙپڪار به ڀڄي ويندا. غيريقيني واري صورتحال ملڪ جي معيشت لاءِ بدترين ثابت ٿيندي. هتي جن پابندي مڙهيل تنظيمن سان ڊائيلاگ ڪرڻ کپن، انهن سان رياست ڊائلاگ جي پوزيشن ۾ ناهي ۽ جن سان ڊائيلاگ نه ٿيڻ کپن، انهن سان نه صرف ڳالهيون ڪيون ويون پر کين ٻيهر افغانستان مان آڻي ڪي پي ڪي ۾ آباد به ڪيو ويو، تنهنڪري رياست کي پنهنجي پاليسي نه صرف واضح ڪرڻ گھرجي پر اها پاليسي ڊگھي مدي واري به هجڻ گھرجي.