ايران تي اسرائيل جي حملي جون متضاد خبرون

0
27
ايران تي اسرائيل جي حملي جون متضاد خبرون

 ميڊيا تي، اسرائيل طرفان ايران تي حملي جون خبرون آهن. خبرن موجب، توڙي جو اسرائيل اڃا تائين اها ڳالهه باضابطه تسليم ناهي ڪئي ته جمعي واري ڏينهن ايران تي ٿيل حملي ۾ ان جو هٿ هو، پر ٻئي طرف ايران ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حملي جي نتيجي ۾ نقصان واري ڳالهه تان پڻ چٿرون ڪيون آهن. جمعي واري ڏينهن ايران تي ٿيل حملي ۾ ڪهڙا هٿيار استعمال ٿيا ۽ ڪيترو نقصان ٿيو، ان بابت متضاد رايا سامهون اچي رهيا آهن. آمريڪي اختياريون ان حملي ۾ ميزائلن جي استعمال جي ڳالهه ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ايران جو چوڻ آهي ته، اصفهان ۽ تبريز ۾ ننڍا ڊرون ڦاٽڻ سبب ڌماڪا ٿيا.

                 ايران تي حملي وارين خبرن سان گڏ اسرائيل جي غزه ۾ دهشتگردي جاري آهي. غزه ۾ تباهي ۽ ايراني حملي بعد اسرائيل رفح جو گهيرو مڪمل ڪري ورتو آهي. جتي ڪنهن به وقت خوني آپريشن شروع ڪيو ويندو. روس جي يوڪرين جي ڪجهه علائقن کي ٻيهر واپس ڪرائڻ بعد آمريڪا هاڻ باقاعده اسرائيل ۽ يوڪرين جي مالي مدد لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ليفٽ الائينس جي اڳواڻن نيتن ياهو جي ”نيو مڊل ايسٽ“ ۽ آمريڪا جي ” ملٽي نيشنل عبوري اٿارٽي“ واري ڳجهي پلان جي انڪشاف ٿيڻ بعد علائقي جي سمورن مسلم ۽ عرب ملڪن سان بيڪ ڊور ڊپلوميسي شروع ڪري ڇڏي آهي جنهنجو مقصد انهن ملڪن جي فوجي طاقت کي نئين سري سان منظم ڪرڻ آهي جيڪي ماضي ۾ اعلانن باوجود پاڻ کي عملي طور مضبوط نه ڪري سگهيا ۽ پنهنجي سڃاڻپ وڃائڻ شروع ڪئي هاڻ جڏهن ايران اڪيلي سر اسرائيل خلاف اعلان جنگ ڪري ڇڏيو آهي ته مسلم ۽ عرب ملڪن جي ان فوجي الائينس تي چرچا شروع ٿي ويا آهن ته هيڏي وڏي فوجي طاقت هجڻ باوجود هو ڪهڙي ٻرڙ ۾لڪي ويا آهن. هن وقت ٻاهر نه نڪتا ته آخر ڪڏهن نڪراندا ۽ اهو بحث هاڻ عام ماڻهو جي زبان تي به شروع ٿي ويو آهي جيڪو سچ به آهي.

اڪثريتي مسلم رياستن وچ ۾ سهڪار هميشه صرف هڪ خواهش ئي رهي آهي جيڪا ڪڏهن به پوري ناهي ٿي پر ناڪام ئي وئي آهي. مسلم دنيا لا نيٽو طرز جي فوجي تنظيم ٺاهڻ جي سعودي پاڪستاني قدمن جو حشر به تمام گهڻو خراب ٿيو آهي. اصل ۾ ”اسلامي ملٽري الائينس“ سني بمقابلا شيعه جاگرافيائي سياسي فرقيواراڻي منطق تي مبني آهي جنهن صدين کان مسلمانن جي جهيڙن کي جنم ڏنو آهي. ڪجهه سني مسلم ملڪن وچ ۾ ان حڪمت عملي جي حوالي سان گڏجڻ جو امڪان ئي نه هو جيڪي جهادين سان مقابلو ڪرڻ واري پنهنجي ڪم کي به پورو ناهن ڪري سگهيا.ان اتحاد جي ٺهڻ وقت اهو چيو ويو ته سمورن گهڻ قومي ادارن جيان اسلامي فوجي اتحاد به ڪاميابي سان ڪارروائيون ڪندو ۽ ان جا ميمبر ملڪ ان جي طاقت ۾ ڀرپور حصو ڳنڍيندا جيئن يورپي يونين وارا نيٽو الائينس ۾ ڀائيواري ڪري رهيا آهن پر اهو به ممڪن نه ٿي سگهيو. ان فوجي اتحاد جي ميمبر ملڪن ۾ مذهبي ۽ نظرياتي فرق ڪنهن کان لڪل ناهي. پان اسلامي يڪجهتي صرف مسلم دنيا جو هڪ رومانوي تصور آهي ۽ امت اندر ڪا به رياست ان ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ لا تيار ئي ناهي. اسلامي تعاون تنظيم جي تقريبن 50 سالن جي تاريخ ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪري ٿي ته ڪهڙي ريت قومي رياست مذهبي يڪجهتي کي اڳتي وڌائي رهي آهي پر اسلامي فوجي اتحاد واري معاملي تي اهو هميشه ئي فرقيواراڻي منصوبي جي نظر ٿيو آهي جنهن ۾ ايران ۽ ٻين شيعا مسلم رياستن کي شامل ئي ناهي ڪيو ويو ۽ اهو الائينس تهران جي عرب اتحادين سان وڙهڻ لا تيار آهي. اصل ۾ ان فوجي اتحاد کي وچ اوڀر واري مسئلي جي حقيقت کي حل ڪرڻ لا ڊزائن ڪيو ويو هو. 2011 جي بغاوت کانپو عرب دنيا کي کوکلو ڪرڻ لا سازشون تيار ڪيون ويون هيون.

علائقائي دهشتگردي ۽ مسلمان ملڪن تي ٻاهرين يلغار کي منهن ڏيڻ لا 15 ڊسمبر 2015 تي سعودي عرب جي بادشاهه ان وقت جي بچا واري وزير محمد بن سلمان ان فوجي الائينس جو بنياد وڌو. 6 جنوري 2017 تي پاڪستان جي رٽائر ٿيل آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ان (IMCTC) پهريون ڪمانڊر انچيف مقرر ڪيو ويو. آ ايم سي ٽي سي جو مقصد هر قسم جي فرقيوار دهشتگرد تنظيم کان انهن ملڪن کي تحفظ فراهم ڪرڻو آهي ۽ اهو  اتحاد گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي منشور تي به عمل ڪندو. محمد بن سلمان چيو ته اهو فوجي اتحاد عراق، شام، لبيا، مصر، افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن سان گڏيل ويڙهه ڪندو پر ان اتحاد ۾ شيعا اڪثريتي ملڪن جهڙوڪ ايران، شام، عراق کي شامل ناهي ڪيو ويو. عمان کي هڪ اڪثريتي ملڪ جي حيثيت سان اتحاد ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان جي ٻين ملڪن ۾ پاڪستان، بحرين، بنگلاديش، بينن، برونائي، برڪينا فاسو، چاڊ، ڪومورس، آئوري ڪوسٽ، جبوتي، مصر، گبون، گيمبيا، گني، گني بسائو، اردن، ڪينيا، ڪويت، لبنان، لبيا، ملائيشيا، مالديپ، موريطانيه، مراڪش، نائجر، نائيجيريا، فلسطين، قطر، سينيگال، سيراليون، صوماليا، سوڊان، تنزانيه، تيونس، ترڪي، يوگنڊا، عرب امارتون، يمن شامل آهن. انڊونيشيا، آذربائيجان، تاجڪستان بعد ۾ ان جي حمايت جو اعلان ڪيو.

سعودي عرب خطي جي هڪ وڏي طاقت آهي. هن پوري دنيا ۾ اها طاقت ڪنهن ٻئي ذريعي نه پر قدرتي طور مليل تيل جي دولت سان حاصل ڪئي آهي. هن وٽ پنهنجي ڪا به فوجي صلاحيت ناهي ايستائين جو يمن جهڙي ننڍڙي ملڪ کان به جنگ هارائي ويندو آهي. عالمي سطح تي تيل جي ڪريل قيمتن سعودي عرب جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو جنهن سان خطي ۾ افراتفري به پيدا ٿي وئي.ان ڪري اسلامي فوجي اتحاد بنيادي طور تي سعودي قومي سلامتي جي تحفظ لا هڪ اهڙي وقت ۾ ٺاهيو ويو، جڏهن مملڪت پنهنجي تاريخي تحفظ جي ضامن آمريڪا تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. سعودي وارن وٽ جيتوڻيڪ فوج سنڀالڻ جو ڪو خاص تجربو ناهي، ان ڪري انهن پاڪستاني ڪمانڊر جنرل راحيل شريف کي فوج جي ڪمان حوالي ڪئي پر ان جو سياسي ڪنٽرول سعودي وٽ هجڻ ڪري ان اتحاد لا ڪيترائي شڪ شبها به پيدا ڪيا ۽ اهو اڳتي نه وڌي سگهيو. جڏهن ته اهم مسلمان ملڪن جي عدم دلچسپي به ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ٿي ته اسلامي فوجي اتحاد تصوراتي مرحلن مان اڳتي ناهي وڌي سگهيو. هن وقت تائين ان جون ٽي ڳالهيون واضح ٿي سگهيون آهن هڪ ته ان جو سربراهه پاڪستاني رٽائر آرمي چيف آهي، ٻيو پاڪستان اڪيلي ان فورس کي هڪ برگيڊ ڏني آهي ۽ ٽيون ته ان جو هيڊ ڪوارٽر رياض ۾ آهي. ان جي 41 ملڪن مان ڪهڙا ملڪ فوجون ڏيندا، ڪهڙا ملڪ ڪيتري مالي ۽ انٽيليجنس مدد فراهم ڪندا ۽ ان جي مشنز کي ڪير ترتيب ڏيندو ڪا ڳالهه واضح ئي ناهي.

هن وقت تائين پاڪستان هڪ وڏي مسلم فوجي طاقت آهي جنهن آڪٽوبر 2015 تي سعودي عرب جي قيادت واري فوجي بلاڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان وچ اوڀر کان ٻاهر ويٺل هڪ اضافي کلاڙي آهي. پر هميشه سعودي عرب سان گڏ ئي رهيو آهي. پاڪستان سعودي عرب جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي تربيت به ڪئي آهي. ان جي بدلي ۾ سعودي وارن رعايتي اگهن تي تيل، مالي ۽ سفارتي مدد به ڪئي آهي. ايستائين جو ملڪ جي سياسي بحرانن ۾ به سعودي عرب ئي ٽياڪڙي ڪري مسئلن کي حل ڪرايو آهي جيئن نواز شريف ۽ پرويز مشرف وارو ٺاهه واضح آهي. پاڪستان سعودي عرب جو ڪو به چوڻ ناهي موٽايو. 1970ع ۾ پاڪستان فلسطين لبريشن آرمي جي بغاوت کي ڪچلڻ لا  هاشمي بادشاهت جي مدد لا پنهنجي فوج کي اردن موڪليو. 1979ع ۾ مڪي شريف جي مسجد تي عسڪريت پسندن قبضو ڪيو ته سعودي اپيل تي پاڪستاني فوج آپريشن ڪري قبضو ڇڏرايو. 12 سالن بعد پڪستان 1991ع ۾ خليجي جنگ دوران 20 هزار فوجي سعودي عرب موڪليا. پاڪستان پنهنجي پاليسي کي احتياط سان هلايو آهي. 2015 ۾ سعودي ايران جهيڙي ۾ پاڪستان کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پاڪستان ان کان پاسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. يمن جنگ ۾ تمام گهڻي بردباري سان پاڻ کي ڌار رکڻ ۾ ڪامياب ويو ان معاملي تي اعلا سطح جي سول ۽ ملٽري وفد سعودي بادشاهه کي سمجهائڻ ۾ ڪامياب ويا ته سندن فوج ڀارتي سرحد تي مصروف آهي. افغان سرحد تي ويڙهه هلي رهي آهي. طالبان باغين ۽ القاعدن وارن سان سرحد سان گڏ ملڪ اندر وڙهي رهيا آهيون ملڪ اندر هلندڙ ٻين بغاوتن لا به اسان کي آرمي جي ضرورت آهي پر جيڪڏهن سعودي بادشاهت جي خودمختياري لا ڪو خطرو ٿيو ته پهرين اسان پو ٻيا ايندا. سعودي بادشاهه جي ناراضگي تي پاڪستان پنهنجو هڪ رٽائر آرمي چيف سعودي وارن کي ڏنو، هڪ برگيڊ يمن جي سرحد تي ايراني حوثي باغين سان مقابلي لا مقرر ڪئي وئي ائين پاڪستان وچ اوڀر ۾ هڪ پارٽنر ملڪ بڻجي ويو.

ترڪي ۽ مصر وچ اوڀر جا اهم ملڪ ۽ اسرائيل جا اتحادي هجڻ باوجود ان اتحاد کان ڌار ٿي ويا آهن. ترڪ پاڻ کي علائقي جي سپر طاقت طور ڏسندا آهن ۽ سني مسلم دنيا جي قيادت لا سعودي وارن سان مقابلي ۾ آهن. ايران سان هميشه مقابلي ۾ مصروف رهندا آهن. انقره رياض جي فارسين جي نسلي فرقيواريت ۾ شامل ناهن جڏهن ته مصر پنهنجي فوجي قوت کي سعودي مفادن واري جنگ ۾ منجهائڻ جي خلاف آهي اتر آفريڪا وارن علائقن ۾ ايران ۽ شيعن جي حوالي سان مصر وارن کي به سعودي وارن جيان تحفظات آهن ان ڪري هو ان اتحاد کان الڳ ٿيل آهي.آمريڪا ان اتحاد جي علامتي حمايت ڪري ٿو جيڪڏهن اهو فوجي اتحاد دولت اسلاميا خلاف ويڙهه ڪري ٿو ته هو ان جو حمايتي آهي نه ته ساڻن ڪو واسطو ناهي آمريڪا ترڪي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کان صرف ۽ صرف دولت اسلاميا ۽ انهن جي جهادي گروپن سميت ايران کي قابو ۾ ڪرڻ لا مدد گهري رهيو آهي جڏهن ته انهن ملڪن جي داخلي محاذن تي به اهي ڌريون انهن ملڪن لا مسئلا پيدا ڪري رهيون آهن ان ڪري اهو اسلامي فوجي اتحاد سياسي اتحاد کان اڳتي ناهي وڌو سگهيو ۽ نه ئي مسلم نيٽو ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو آهي.

اسلامي فوجي اتحاد کي پين مسلم اتحاد طور به ڊزائن ناهي ڪيو ويو ايستائين جو انٽرا سني سطح تي به ملڪن دلچسپي ظاهي ڪئي آهي اهڙي ريت سني ڪئمپ ايستائين ورهايل آهي جو اهي جهادين کي چيلينج به نه ٿا ڪري سگهن. جڏهن ته هاڻ اهي ئي جهادي پنهنجي مرڪز جي بقا لا جيڪي هٿيار کڻي وڙهي رهيا آهن ان عمل انهن عرب ملڪن کي به سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي. انهن مسلم فوجي الائينس ملڪن ۾ هاڻ عوامي سطح تائين سندن ڪردار تي آڱريون کڄڻ شروع ٿي ويون آهن جيڪي انهن لا ڪنهن وڏي عوامي انقلاب جي خطري جي گهنٽي به آهي.