تخريب ۽ دهشت جو مَڪنو هاٿي

0
18
سنڌ ۾ تعليم جي ڳنڀير صورتحال
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

“ڪونه ڇڏينداسين؟ ۽ “دهشتگرديءَ جي اجازت نه ڏينداسين” جهڙن حڪمرانن جي بيانن جي اڃان گونج گم ئي نٿي ٿئي ته دهشتگرد وري ڪا نئين واردات ڪري حڪمرانن جي بيانن تان چٿر ڪري ٿا وڃن. ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪندڙ چينين تي ٿيل حملي کانپوءِ حڪمرانن طرفان دهشتگردن کي ڏورا ڏيکارڻ واري مشق اڃان جاري ئي هئي ته ڪراچي ۾ جاپانين تي آپگهات حملي فول پروف سيڪيورٽي جي حڪومتي دعوائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. لانڍي واري علائقي ۾ جاپاني شهرين جي گاڏيءَ تي ٿيل آپگهاتي حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويو. پوليس امڪان ڏيکاريو آهي ته جاپانين کي چيني سمجهي آپگهاتي حملو ڪيو ويو.

ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو راڪاس “آدم- بوءِ، آدم- بوءِ” ڪندو معصوم شهري ۽ سيڪيورٽي فورسز جا جوان ڳڙڪائيندو وڃي. حڪومت ۽ ملڪي ادارا ان راڪاس آڏو بيوس بڻيل آهن. هر دهشتگرديءَ جي ڪارروائي کانپوءِ حڪمرانن کي ان ۾ پرڏيهي هٿ نظر اچي ٿو وڃي، پر سوال اهو آهي ته اهو پرڏيهي هٿ اڳواٽ نظر ڇو نٿو اچي؟ هر واردات کانپوءِ حڪمرانن جو، سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ وارو بيان ايندو آهي، جيڪو ٻڌي ٻڌي ماڻهن جون سماعتون به اهڙن بيانن جون هيراڪ ٿي ويون آهن، جو هاڻي ان جو تر جيترو به اثر نٿو ورتو وڃي. باقي جيتري قدر پرڏيهي هٿ هجڻ واري امڪان جو تعلق آهي ته ان کان ڪير ٿو انڪار ڪري؟ هي ملڪ عالمي طاقتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي. پاڙيسرين جي بدخواهي واري ڳالهه به سورنهن آنا سچ آهي، اهڙين حالتن ۾ اسان جي حڪمرانن ۽ ادارن جي ذميواري اڃان به وڌي وڃي ٿي. سوال اهو آهي ته اهڙين ڳنڀير حالتن ۾ رياست جون اکيون ۽ ڪن تصور ٿيندڙ ادارا ڇا پيا ڪن؟ اسان کي هر ڀيري پرڏيهي هٿ پوءِ ٿو نظر اچي، پهرين ڇو نٿو نظر اچي؟ عوام هاڻي اهو راڳ ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيو آهي. هڪ طرف فول پروف سيڪيورٽي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ٻئي طرف حالت اها آهي ته، ڪراچي شهر ۾ دهشتگرد، خودڪش جيڪيٽون پائي،  بم ۽ بارود کڻي روڊن ۽ رستن تي بي اونا پيا هلن، پر ڪٿي به انهن جي رستي روڪ نٿي ٿئي! ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اهي حملا پرڏيهي سيڙپڪاري کي روڪڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن. چين ۽ ٻين ملڪن سان ڳالهيون هلن پيو، سعودي وارا سڄڻ رضا سان رڙهي اچڻ لاءِ تيار آهن. پرڏيهي سيڙپڪارن جي اچڻ ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ دهشتگردي ۽ امن امان جون خراب حالتون آهن. جيستائين دهشتگردي ختم نه ٿيندي، تيستائين پرڏيهي سيڙپڪاري جي اچڻ جو تصور ڪرڻ ئي اجايو آهي. دهشتگردي ڪيئن ختم ٿيندي؟ ان لاءِ دهشتگردن جون نرسريون ۽ سليپر سيل ختم ڪرڻا پوندا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتي ان طرف گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي، جنهنڪري اهو تاثر سگهارو ٿيو آهي ته ملڪ ۾ دهشگرد منظم ۽ محافظ منتشر آهن. اسان جي حڪمرانن جي ماضيءَ جي غلط پاليسين سبب دهشتگردي جو مڪنو هاٿي هن ملڪ ۾ مسڪن ٺاهي ويهي رهيو آهي. هاٿيءَ کي هندستان ڏيکارڻ وارا ته محض محاوري ۾ آهن پر ان مڪني کي اسان وارو هي ملڪ ڪنهن ڏيکاريو؟

اسان جي حڪمرانن جيڪو اڳ ۾ پوکيو هو، هن نسل کي هاڻي لڻڻو پئجي رهيو آهي پر اسان جا حڪمران اڃان تائين تاريخ مان سکڻ لاءِ تيار نه آهن. حد ته اها آهي ته دهشتگردي جون نرسريون ختم نٿيون ڪيون وڃن ۽ نه ئي وري اهي ڪن مصلحتن ۽ مجبورين سبب نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل طرح عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي پڻ نظرثاني ڪرڻ ۽ ان کي بدلجندڙ عالمي صورتحال جي تناظر ۾ ملڪي مفادن جي حوالي سان جوڙڻ جي ضرورت آهي. بلوچستان جي مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي. بلوچن جي سياسي قيادت سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. جڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ ممڪن آهي ته بلوچ سياسي قيادت سان ڇو نه؟ اسان سمجهون ٿا ته دهشتگردي گهڻ رخو مسئلو آهي ۽ ان جو حل به گهڻ رخو ڳولهڻ جي ضرورت آهي.