هڪ مثالي ڪارڪن جي موڪلاڻي

0
143
هڪ مثالي ڪارڪن جي موڪلاڻي

اها شايد 2016ع جي ڳالهه آهي، جڏهن جامي صاحب ۽ آئون ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي وياسين،  رات جو ڪچهري ڪندي جامي صاحب مون کي ٻُڌايو ته، “1986ع ۾ آئون جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج مان انٽر پاس ڪري نڪتس ته پليجي صاحب سان منهنجي ڪچهري ٿي. آئون ادب ۽ شاعري وڏي چاهه سان پڙهندو هئس ۽ ان مان ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو هئس. سياست منهنجي لاءِ ڪنهن به لحاظ کان ڪا خاص ڪشش نه رکندي هئي، آئون سياست کي وقت جو زيان سمجهندي ان کي گهڻي اهميت نه ڏيندو هئس. پليجي صاحب مون کان پڇيو ته توکي ادب ۽ شاعري ڇو ٿي وڻي؟ ته مون ترت جواب ڏنو ته، ‘شاعري ۽ ادب مون کي ان لاءِ ٿا وڻن جو شاعريءَ ۽ ادب جي دنيا ڏاڍي حَسين ۽ وڻندڙ آهي. آئون جيڪا دنيا شاعري ۽ ادب ۾ ڏسان ٿو، اها هتي آهي ڪونه، تنهن ڪري مون کي شاعري ۽ ادب سان بي انتها چاهه آهي’. پليجي صاحب انهيءَ تي مون کي چيو ته، ‘تون جيڪا دنيا شاعري ۽ ادب ۾ ڏسين ٿو، اسان انهيءَ دنيا کي هن زمين تي ٺاهڻ لاءِ ڪم پيا ڪريون. ڇا تون ان ۾ اسان جو ساٿ ڏيندين؟” جامي صاحب چيو ته، “مون کي پليجي صاحب جي اهڙي جواب، لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ مون انهيءَ مهل چيو ته، سائين هاڻ آئون توهان جو ٿيس ۽ انهيءَ دنيا کي اَڏڻ لاءِ توهان سان گڏ آهيان”.

ظاهر آهي ته پليجو صاحب جڏهن شروع ۾ هڪ فرد جي حيثيت ۾ هن ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جي قسمت تبديل ڪرڻ لاءِ اهي سڀ خواب کڻي نڪتو هوندو، يقينن تڏهن هو اڪيلو هوندو. هن وٽ نه پئسا هئا ۽ نه وسيلا هئا. فقط ۽ فقط  هڪ اعليٰ خواهش هئي ۽ ان سان گڏ نظريو ۽ جذبو هو. جڏهن خواهش، نظريي ۽ جذبي گڏجي ڪم ڪيو ته اڄ اهو رسول بخش پليجو صاحب خود هڪ نظريو بڻجي چڪو آهي. جيڪو چوويهه ڪلاڪ دشمنن لاءِ دهمان ۽ خوف جي اعليٰ علامت بڻجي چڪو آهي. اهڙن ئي عظيم انقلابي ماڻهن لاءِ خود مخدوم محي الدين جهڙي انقلابي شاعر چيو هو ته:

مين اڪيلا هي چلا ٿا جانبِ منزل مگر

لوگ ساٿ آتي گئي اور ڪاروان بنتا گيا

پليجي صاحب جي انهيءَ ڪارروان ۾ سائين ڪرم ڪلوئي 1981ع ۾ شامل ٿيو. هو پليجي صاحب ۽ عوامي تحريڪ جي ساٿ ۾ تڏهن شامل ٿيو هو جڏهن هو صفا نوجوان ڇوڪرو هو. اڄ  سندس پورو ڪٽنب ادي عظمت، امر جليل، ادي سنڌو ۽ سندس گهر جا ٻيا ڀاتي چوويهه ڪلاڪ پنهنجن عظيم آدرشن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ مصروف عمل  آهن.

سائين ڪرم ڪلوئيءَ سان منهنجو ڪيترن ئي سالن کان غائبانه تعارف رهيو، پر هن سان پهريون دفعو ملاقات آڪٽوبر 2016ع ۾ ٿي. مون کي پهرين نظر ۾ هي ماڻهو جهڙو اندر تهڙو ٻاهر محسوس ٿيو. ڪجهه ڪچهرين کان پوءِ مون کي پڪ ٿي ته هو هن ميڪ اپ واري دنيا کان ڪوهين ڏور آهي. جهڙو ٻاهر جو معصوم، سمجهندار ۽ سچار آهي، تهڙو ئي اندر جو آهي. هو هڪ ئي وقت جتي پنهنجن ساٿين لاءِ محبت ۽ انهن جو خيال رکي ٿو، اُتي ساڳئي وقت هيءُ معصوم، سچار ۽ سمجهدار ماڻهو پنهنجي وطن جي ازلي ابدي دشمنن لاءِ نه فقط بي انتها نفرت، چڙ ۽ ڌڪار رکي ٿو پر انهن کي هر محاذ ۽ وِک تي شڪست ڏيڻ لاءِ انهن سان مهاڏو اٽڪائي ٿو. انهن کي دليلن جي بنياد تي رد ڪري نيست ۽ نابود ڪري ٿو. انهن جي خلاف قلم کي ڪات جو ويس ڍڪائي  حملو ڪري ٿو. انهن جا سڀ پول پڌرا ڪري ٿو.

مون ڪجهه سال پهرين سائين ڪرم ڪلوئي جو هڪ ڪتاب پڙهيو، جنهن ۾ هن پليجي صاحب سان پنهنجي پهرين ملاقات جو احوال قلمبند ڪيو هو. اهو احوال ايڏي ته دلچسپ انداز ۽ ايڏي ته تجسس سان بيان ٿيل آهي، جيئن ڪو ماهر ناول نگار پنهنجي ناول ۾ ڪنهن به واقعي جي سٺي کان سٺي منظرنگاري ڪري سگهي ٿو، سائين هر لحاظ کان پليجي صاحب سان پنهنجي پهرين ملاقات جي منظرنگاري ايئن بيان ڪئي هئي. مون کي خبر ناهي ته سائين ڪڏهن ڪا ڪهاڻي يا ناول لکيو يا نه؟ پر جي هو ڪنهن ناول ۽ ڪهاڻيءَ تي طبع آزمائي ڪري ها ته هو هڪ شاهڪار ناول يا ڪهاڻي لکي سگهيو ٿي هو هر لحاظ کان ان جون سموريون فني ۽ فڪري گهرجون پوريون ڪرڻ جي پوري پوري صلاحيت رکندو هو. مون ان ئي ڪتاب ۾ ساٿي ڪرم ڪلوئي جو شهيد فاضل راهو تي لکيل مضمون “فاضل جي جدوجهد اسان لاءِ مشعل راهه آهي” پڙهيو. جنهن ۾ سائين ڪرم ڪلوئي فاضل صاحب جي شخصيت، ڪردار ۽ سندس انقلابي زندگيءَ جي مختلف رخن تي سهڻي انداز ۾ روشني وڌي آهي. آخر ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي نظم جون پهريون سٽون ڏيندي هو لکي ٿو ته،“اهي ماڻهو انهن سان گڏ آهن، جيڪي فاضل جا قاتل آهن، ان لاءِ آڪاش نظم لکيو آهي ته،

پروٽوڪول جي گاڏين هوندي،

راهوڪيءَ ۾ رُڃ لڳي ٿي.

2017ع کان وٺي 2019ع تائين ساٿي ڪرم ڪلوئي سان قاسم آباد ۾ رهندي پليجي صاحب وٽ ڊي ٽين تي ۽ قاسم آباد ۾ کوڙ ساريون ڪچهريون ۽ ملاقاتون ٿيون. پوءِ اوچتو خبر پئي ته سائين واپس ميرپور خاص هليا ويا آهن. گذريل چئن پنجن سالن ۾ سائين سان هڪ ٻه مختصر ملاقاتون ٿيون. 19 اپريل تي تي هي اڀاڳي خبر ملي ته اسان جو ساٿي ڪرم ڪلوئي جسماني طور تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي.