ملير: سنڌ انڊيجينيس رائٽس الائنس جي اڳواڻن سيد خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي، يوسف مستي خان ۽ ٻين چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ملير جي زمينن تي بحريا ٽائون کي والار ڪرڻ کان روڪيي ڇڏيو آھي، ان جي باوجود بحريا ٽائون ڏاڍ تي قائم رهندي مقامي ڳوٺن تي چڙھائي ڪري کين پنهجا اباڻا ڪک خالي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ 16 هزار 800 ايڪڙ زمين جي منظوري ڏني آھي، جڏھن ته بحريا ٽائون ھن وقت 45 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي والار ڪري رهي آهي، اها عدالتي حڪمن جي سنئين سڌي ڀڃڪڙي آهي. هنن جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون جي ڀرپاسي وارن ويھن کان مٿي ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن، اهڙي عمل تي پيپلز پارٽي خاموش آهي، جڏهن ته ملير مان چونڊيل نمائندا به سنڌ اسيمبلي ۾ خاموش تماشائي بڻجي ويٺل آهن،