ملير: بحريا ٽائون خلاف ڊگهي ويڙهه ڪندڙ چاچي فيض محمد گبول جي نور محمد گبول ڳوٺ تي چڙهائي دوران مزاحمت تي پوليس اهلڪارن فيض محمد گبول جي پٽ مراد گبول ۽ ڳوٺاڻي فضل گبول کي يرغمال بڻائي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو. پنجن ڪلاڪن تائين تشدد بعد کين ڇڏيو ويو. هوڏانهن ملير جي ساڃهه وندن مرحوم فيض محمد گبول جي ڳوٺ نور محمد گبول تي چڙهائي ڪرڻ ۽ مرحوم جي پٽ مراد گبول ۽ هڪ ڳوٺاڻي فضل گبول مٿان تشدد بعد گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪندي چيو ته فيض محمد گبول جي پٽ جي گرفتاري ۽ مٿس ٿيل تشدد جي ايف آءِ آر بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض تي داخل ڪئي وڃي ۽ بحريا ٽائون کي وڌيڪ قبضو ڪرڻ کان روڪيو وڃي.