گھوڙاٻاري (ن پ ا ) گھوڙاٻاري ويجھو ڳوٺ قاسم شورو جو رھواسي 20 سالا گولو شورو پٽ يعقوب شورو گذريل ٻن ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي نوجوان گولو شورو مال جو ڌنار ھو جيڪو عيد ڏھاڙي گھمڻ لاءِ گھران نڪتو ته گم ٿي ويو آھي. وارثن ٻڌايو ته سندن ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته اھڙي واقعي جي گھوڙاٻاري ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آھي