ڪوٽ لالو (ن پ ا ) ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد منگيا ناڪو وٽ موٽر سائيڪل و روڊ ڀرسان بيٺل چوڪيدار کي ٽڪر هنيو،ڳوٺ عبدالحڪيم منگيو واسي چوڪيدار ممتاز علي منگيو فوت ٿي ويو،لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏھن ته عيد جون خوشيون پڻ ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، جڏھن ته موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا انور علي ولد محمد ادريس ماڇي ۽ مقصود احمد ولد سونو خان راڄپر سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي مقامي ماڻھن پاران نوابشاهه اسپتال نيو ويو، جتي ھڪ زخمي انور علي ماڇي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.