گھوڙاٻاري (ن پ ا ) گھوڙاٻاري لڳ بچاءَ بند تي چرندڙ 2 ڏاچيون 11 ھزار وولٽ بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري  موقعي تي مري ويون. تفصيل موجب حيسڪو گرڊ اسٽيشن پير پٺو عملي جي نااھلي سبب پورھيت حسين زنگياڻي جون 2 ڏاچيون ڀٽي اسٽاپ وٽ بچاءَ بند تي چرندي 11 ھزار وولٽ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون. چيو وڃي ٿو ته بجليءَ جون تارون ھيٺ ھجڻ لڪڙن جي ٽيڪ تي بيهاريون ويون ھيون، جن مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري 2 ڏاچيون موقعي تي مري ويون.  ڏاچين جي مالڪ حسين زنگياڻي احتجاج ڪندي چيو ته سندس 5 لک رپين جي ماليت جون ڏاچيون حيسڪو عملي جي نااهلي سبب مري ويون  آھن. هن مطالبو ڪيو ته کيس ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.