پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن واسي فوجي جوان ڪامران علي منگي وانا ۾ شھيد ٿي ويو. پڊعيدن واسي فوجي جوان ڪامران علي پٽ سڪندر علي منگي وانا ۾ شھيد ٿي ويو. پڊعيدن ڀرسان پير صادق لڳ ڳوٺ ڏگيجا جو رهواسي ڪامران پٽ سڪندر علي 8 ڏينهن پهريان وانا بارڊر تي زخمي ٿي پيو هو جنهن جو علاج هلي رهيو هو جيڪو فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ضروري ڪارروائي کان پو پير صادق لڳ سندس اباڻي ڳوٺ ڏگيجا ۾ اڄ پهچندو.