گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڍو خان شاهاڻي جي رهواسي نوجوان عزيزالله شاهاڻي مبينا طور پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي. نوجوان عزيز الله شاهاڻي جو لاش وارث اسپتال کڻائي آيا پر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بنا واپس ڳوٺ کڻائي ويا. مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اڄ شام کان عزيز الله گهڻو اداس هو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي. مقتول نوجوان عزيز الله شاهاڻي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو دبئي ۾ ڪمائيندو هو ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان پنهنجي گهر آيو هو.