حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ماتمداري ۽ عزاداري جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. شهر جو سڀ کان وڏو جماعتين جو قديمي جهولي پاڪ وارو پڙ 24 ڪلاڪ گشت ۾ رهڻ کانپوءِ واپس امام بارگاهه انجمن سفينهءِ حسيني تي پهچي نهر ٿي ويو. اهو ماتمي پڙ سومر ڏينهن شام جو ٽنڊو مير محمود-ٽنڊو آغا مان برآمد ٿيو جيڪو پاڪستاني چوڪ، پڃرا پور کان ٿي فقير جي پڙ پهتو. فقير جي پڙ وٽ لکين عزادار جماعتين جي جهولي واري پڙ ۾ شريڪ ٿيا ۽ مٿي تي ڌڪ هڻندا واويلا واويلا ياحسين عه ياحسين عه بلند ڪندا اڳتي وڌندا رهيا. فقير جي پڙ وٽ جهولي واري پڙ جا منظر ڏسڻ جهڙا هئا. ماتمداري ۽ عزاداري جي ڪري لکين اکيون آليون ٿي ويون. جهولي واري پڙ جي سيڪيورٽي لاءِ انتهائي سخت قدم کنيا ويا هئا پڙ جي فضائي معائني لاءِ مانيٽرنگ سيل به قائم ڪيو ويو هو جتي سي سي ٽي ذريعي پڙ جي چرپر تي نظر رکي وئي. ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ڊاڪٽر جميل احمد ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل به سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو ورتو. هوڏانهن ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 9 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح، تعزين، علم پاڪ، سيجن، جهولن ۽ دُلدلن جا سوين ماتمي پڙ برآمد ٿيندا. درگاهه سخي پير جي سامهون ميمڻ محلي حيدرآباد ۾ زنجير زنيءَ وارو ماتم به ٿيندو.