گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان سانگھڙ نوابشاهه مين روڊ تي علي جان بروهي اسٽاپ وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا غلام محمد زرداري ۽ نواب شاهه واسي اشرف راجپوت سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته گپچاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي زخمين کي نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو جتي غلام محمد زرداري زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.