بدين (رپورٽر ) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ هڪ ڏينهن جي دوري تي بدين پهتو، هن 20 مئي تي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس بدين جي ڪاميٽي روم ۾ گڏجاڻي جي صدارت پڻ ڪئي، انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان، ٿر رينجرز ونگ ڪمانڊر 32 ونگ ڪرنل راجا شاهد، ايس ايس پي شبير احمد سيٺار، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر علي اصغر سيال، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ۽ ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد سائين بخش چنڙ، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر بدين اظهر حسين ٽانوري سميت لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر چيوته صاف شفاف ۽ فول پروف اليڪشن ڪرائڻ اسان سڀني جي ذميوار آهي هر ادارو پنهنجي ذميداري کي بهترين نموني ادا ڪري، هن چيوته اليڪشن ۾ ڪووڊ ايس او پي تي ضرور عمل ڪيو وڃي، هر پولنگ اسٽيشن تي ماسڪ ۽ سينيٽائزر جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر علي اصغر سيال چيوته پي ايس 70 جي ننڍي چونڊ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. 123 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا آهن، انهن مان 12 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس، جڏهن ته 40 پولنگ اسٽيشن حساس قرار ڏنا ويا آهن. هن چيوته بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي ۾ ڪنٽرول روم پڻ ٺاهيو ويو آهي. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي شبير احمد سيٺار چيوته رينجرز جي 395 جوانن سان گڏ 1 هزار 6 سو 71 پوليس جا جوان پڻ چونڊ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندا.